SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Totalitarianism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • toutælitɛəriənizəm

From the Dictionary of Official Terms:

Totalitarianism

مطلق العناني- ڪُليت پسندي


From the Dictionary of International Relations:

Totalitarianism

ٽوٽليٽيريئنزم

مطلق آمريت

هن نظريي جو بنيادي خاڪو 1932ع ۾ نامياري عوام دوست اِٽليائي سياستدان ۽ صحافي ’جيواني اميندولا‘(1882-1926) ڏنو، جڏهن هُن ’فاشيت‘ کي روايتي آمريت کان جُدا قرارڏيندي ان لاءِ Totalitario جو اصطلاح استعمال ڪندي ٻُڌايو ته هي سرشتوهرقسم جي حڪومتي/رياستي اختيارن کي هڪ هنڌ مرڪوز ڪري ٿو. هي نظريو فرد جي با اختيار هئڻ بدران رياست يا سرشتي جي سگهاري هئڻ جي وڪالت ڪري ٿو.’مطلق آمريت‘ حاڪمن ۽ محڪومن جو وچ ۾ واضح سَنڌو ڪندي، سماج جي مخصوص ماڻهن کي حاڪميت جو حق ڏئي ٿي ۽ فرد جي راءِ ۽ آباديءَ جي ڀلائيءَ لاءِ وسيع انساني سهڪارکي رد ڪندي، سماج جي ڀلي لاءِ فقط رياست ۽ اُن جي ادارن تي ڀاڙڻ لاءِ زور ڏئي ٿي. ان کان علاوه هي نظريو هڪ گروهه يا جماعت جي حڪومت جي قيام، رياست جي حدن ۽ غير معمولي اختيارن ۾ مسلسل واڌ، خاص نظريي جي برتري/مطلق العناني ۽ تڪرارن جي نبيري لاءِ طاقت جي استعمال ، خاص ڪري جنگ ذريعي مسئلا حل ڪرڻ وارن نُڪتن کي ترجيح ڏئي ٿو.مطلق آمريتي راڄ عام طورتي پنهنجو دٻدٻو حڪومتي مشينريءَ جي پاران ٿيندڙ هڪ- طرفي پروپيگنڊا، رياستي جبر جي ادارن، معيشيت ۽ ميڊيا تي سخت ضابطي ۽ مسلسل بُحراني صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ رکي ٿو. فاشيت (Fascism)، قومي سماج- واد (National Socialism) ۽ ڪميونزم (Communism) هن نظريي جا مختلف قسم آهن. انهن مان پهريان ٻه قسم رياستي ڍانچي ۾ هر اڳڀرائي يا تبديلي ڪنهن هڪ طاقتور شخص ۾ ڪم ڪندڙ سياسي گروهه جي قيادت ۾ آڻڻ جا حامي هئا ، جڏهن ته ڪميونزم جماعتي آمريت جي حق ۾ هوندو آهي


Remember Me Also:

پرسادي

ث. گرونانڪ جي فقيرن جي اعزاز ۾ ڏنل دعوت ۾ بچيل کاڌو مٺي مانيءَ جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal