SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Talbanisation

(click word to listen sound
  • 🔊
  • talbanisation
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Talbanisation

طالبانائيزيشن

طالباني شدت پسندي

عربي ٻوليءَ جي لفظ ’طالب‘ جو ُلغوي مطلب آهي’شاگرد‘. ’طالبان‘ افغانستان جي مدرسن ۾ مذهبي علم پڙهيل شاگردن جو هڪ پُراڻ- پسند ۽ انتها- پسند گروهه هو،جن بگڙيل ملڪي حالتن تي ردعمل ڏيکاريندي، هم – خيال ماڻهن جي مذهبي تنظيم جوڙي 1996ع کان ملڪي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. سندن حڪومت کي دنيا جي فقط ٽن ملڪن: پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن تسليم ڪيو. 2001ع ۾ 9/11 واري واقعي کان پوءِ آمريڪي حڪومت ’القائده‘ ، جي سربراهه اُسامه بن لادن ۽ ان جي ساٿين کي پناهه ڏيڻ سبب طالبان جي حڪومت جو طاقت جي زور تي ڪيل فوجي مُهم ذريعي خاتمو آڻي ڇڏيو. هن تحريڪ جي مختلف اڳواڻن افغانستان مان ڀاڄ کان پوءِ پاڪستان ۽ ايران ۾ پاڻ کي منظم ڪري ملڪ ۾ اسلامي حڪومت جي ٻيهر قيام ۽ آمريڪي قبضي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. ’طالبان‘ جي تمام وڏي اڪثريت نسلي طور پشتو ٻولي ڳالهائيندڙپٺاڻ آهي، پر منجهن عرب ، روسي اسلام- پسند ، وچ ايشيائي شدت- پسند ۽ ٻيا بُنياد- پرست به شامل آهن. اهي فرقي جي لحاظ کان ’ڪٽر ديوبندي مسلڪ‘ سان لاڳاپيل آهن ۽ سڄي دنيا مان کين مالي توڙي نظرياتي حمايت حاصل آهي. سندن مُک اڳواڻ ’مُلا عُمر‘ طرفان اختيار ڪيل پاليسين جا اهم نُڪتا هيٺ ڏجن ٿا.
*مذهب جي نالي ۾ هر قسم جي تشدد ۽ انتها پسنديءَ جي حمايت.
*عورتن جي نوڪرين ۽ رسمي تعليم تي بندش
*موسيقي ،ناچ ،فلمن، ٽيليوزن، مصوري ۽ ٻين لطيف فنن کي ڏسڻ يا ادا ڪرڻ تي پابندي
*وار ڪترائڻ ۽ هار سينگار جي طريقن تي پابندي
*ٻين فرقن جي لاءِ سخت چِڙ ۽ انهن جي سرگرمين تي بندشون
*طاقت جي زور تي ٻوڙي پوليس هٿان ’طالباني قانونن‘ جو نفاذ
*هرقسم جي مجسمي سازيءَ تي پابندي ۽ فنپارن ۽ تاريخي اهميت جي شين جي تباهي.
*غيرمسلم اقليتن ڏانهن ناانصافيءَ ڀريل روش


Remember Me Also:

مڙهو ميدان

مَڙهو مَيدانُ

ذ . سُڃ وارو ميدان، ڏڙَههُ. (ڪ) ، برپٽ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal