SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Society

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • səsaiətiː

From the English to Sindhi Dictionary:

Society

سنگت، صحبت، فرقو، شرڪت، گروهه، مجلس


From the Dictionary of Official Terms:

Society

معاشرو- سماج- بزم


From the Dictionary of International Relations:

Society

سُسائٽي

سماج- معاشرو:

آباديءَ جو اهو مجموعو جيڪو قوم جي جوڙجڪ ۽ رياست جو ڍانچو عمل ۾ آڻي ۽ رياستي اختيارين جي ضابطي هيٺ رهي. ڪي سماج مخصوص جاگرافيائي حدن جي اندر ۽ ڪنهن خاص رياستن جي دائري ۾ هوندا آهن، جڏهن ته ڪي انهن ٻنهي حدبندين کان بالاتر رهن ٿا ۽ مُختلف علائقن ۽ رياستن تائين ڦهليل هُجن ٿا. انساني سماج ۾ ماڻهن جي گروهن جي هڪٻئي سان مُختلف شعبن ۾ واسطيدار هُجڻ ڪري، اهي هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿا. ”سُسائٽي“ جو اصطلاح لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Societus مان نڪتل آهي، جنهن مان مراد ”دوست، ساٿي ۽ اتحادي“ هُجڻ آهي. ان ڪري ان جو مقصد مُختلف ڌرين ۾ ڀائيچاري ۽ دوستيءَ واري جذبي سان ڪنهن هڪ علائقي ۾ رهڻ وارو آهي. هي اصطلاح سڄي انسان ذات، ڪنهن مخصوص قوم يا محدود انساني گروهه جي لاءِ هڪ وقت استعمال ڪري سگهبو آهي. انهن مڙني حلقن جي وچ ۾ گڏيل رابطي جو سرشتو، ساڳي زبان، ثقافت،سماجي سهڪار يا حڪومتي تنظيم ڪاريءَ ذريعي جڙندو آهي. ٻين سرشتن وانگر ”سماج“ پنهنجي ميمبرن کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اهڙيون خواهشون، جن جي تڪميل انفرادي طرح ممڪن نه هُجي، انهن خواهشن کي اجتماعي سهڪار سان پورو ڪن. انهيءَ جستجو ۾ ’سماج‘ جو تصور انساني آباديءَ تي ٻڌل هڪ اهڙي سرشتي جو آهي، جيڪو معاشي، سماجي، سياسي ۽ ٻين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪري، اها حاصلات ممڪن بڻائي ٿو، جيڪا انفرادي طور تي ممڪن نه هوندي آهي. ’سماج‘ ڀوٽان جي رياست وانگر ڪنهن مخصوص نسلي گروهه تائين محدود ٿي سگهي ٿو، ته مغربي سماجن جيان وسيع ثقافتي بُنيادن تي به ڦهلجي سگهي ٿو. اهڙي طرح ’سماج‘ جا مقصد مذهبي، ثقافتي، سائنسي، سياسي ۽ وطني وغيره به هُجن ٿا. مُختلف سماجن مان جيڪي سماج معاشي طور اُسريل هُجڻ ڪري سگهارا، امير ۽ بااثر هُجن ٿا، اُنهن کي مُک معاشرا (Core Societies) سڏجي ٿو. اهڙا سماج ٻاهرئين اثر کان پاڪ ۽ خودمختيار هُجن ٿا. ان جي مقابلي ۾ اُهي معاشرا، جيڪي معاشي طور تي ڪمزور يا نٻل هوندا آهن، سي ڌاريي اثر جي هيٺ گهڻو هوندا آهن ۽ کين نيم انحصاري معاشرن (Semi-Peripheral Socities) جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي


ٻارن جي لغت مان

Society

گرامر noun

- اسم

سماجُ


Related words with: Society


.


Other Phrases of Society used in Daily life:

.


Society is also used in:

Remember Me Also:

اڌڪڻ

مصدر. [سن. اُورد ، ڌَگَ] دمڪشيءَ يا اُڀساهيءَ ۾ وٺجڻ. تپجڻ. پاسي جي سُور ۾ وٺجڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal