SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Rubella

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • ruːbelə

From the Dictionary of Haematology:

Rubella

روبيلا

گلابي ٻڙن واري بيماري، لاکڙو، ارڙي


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Rubella

رو.بي.لا

ھڪ قسم جو وائرس جنھن کي جرمن ميزلس (German measles) نالي به سڏجي ٿو. رڳو انھن ويڪسين نه ڪرايل عورتن لاءِ سنگين ٿي سگهي ٿو جيڪي حمل جي شروعاتي مھينن ۾ ھجن ٿيون تڏھن ھن وائرس سبب ابھم ۾ سنگين نقص پيدا ٿيڻ جا خطرا پيدا ٿي پون ٿا. روبيلا وائرس ماءُ کان ابھم ۾ وچڙي ٿو ۽ ان جو انڪيوبيشن پيرڊ/ نسرڻ جو عرصو (incubation period) 6 کان 12 ھفتن جو ٿئي ٿو. عام طور تي انفيڪشن 6 کان 12 سالن جي ٻارن ۾ پکڙجي ٿو. منھن تي ڊٻڙ پيدا ٿي ڍڍر ۽ ٻانھن ٽنگن ڏانھن پکڙجي ڪجهه ڏينھن کانپوءِ ختم ٿي وڃن ٿا. ھلڪو بخار ٿي سگهي ٿو ۽ ڳچيءَ جا پٺيان لمف (lymph) نوڊ سڄي پون ٿا. وائرس جون نشانيون پيدا ٿيڻ کان ڪجهه ڏينھن اڳ ۾ ظاھر ٿيڻ کان ھڪ ڏينھن پوءِ به پکڙجي سگهي ٿو. ڪو به ابھم تڏھن خطري ۾ رھي ٿو جڏھن ماءُ، حمل جي پھرين 4 مھينن دوران وائرس ۾ مبتلا ٿي پوي ٿي. ماءُ جيترو جلد متاثر ٿئي ٿي اوترو ابھم جي روڳجڻ جا خطرا گهڻا ۽ سنگين پيچيدگيون اوتريون وڌيڪ پيدا ٿيڻ جا امڪان ٿين ٿا. جن ۾ گهڻيون عام ٻوڙائپ (deafness)، پيدائشي دل جي بيماري (heart disease)، موتيو پاڻي (cataracts)، پرپيورا (purpura)، سيريبرل پالسي (cerebral palsy)، واڌ بيھجي وڃڻ ۽ ھڏن جا نقص ٿين ٿا. 5 متاثر ابھمن مان اٽڪل 1 اوائلي ٻالڪپڻي ۾ فوت ٿي وڃي ٿو.


Remember Me Also:

اڙي

ث. گُڏي، پُتلي ، ڀوري.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

سخي، ساري، سرنهن ۽ چڻو، جيئن ڀيل، تيئن ڀلو ٿئي.

سرنهن جي فصل مان به جيئن ماڻهو، ڀاڄيءَ لاءِ پَنَ ۽ ڳنرَ پٽيندا تيئن فصل ڀلو ٿيندو.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal