SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Inshoring

(click word to listen sound
  • 🔊
  • inshoring
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Inshoring

ان شورنگ

مقامي پيداواري عمل

هي اصطلاح وڏن صنعتي ادارن طرفان پرڏيهه يا سمنڊ پار صنعتي پيداواري يا رابطائي نظام جاري رکڻ بجاءِ، اصل ملڪ/علائقي مان ڀاڙي تي ڪم ڪرائڻ (Out Sourcing) ۽ مستقل ملازم رکڻ واري جهنجهٽ کان جان ڇڏائڻ جي حوالي سان استعمال ڪيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾، آمريڪا ۽ برطانيا سان لاڳاپيل ڪمپنين جي اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ کي خاص طور بيان ڪيو ويندو آهي. هن حڪمت عمليءَ تحت، منڊيءَ ۾ سستيون شيون فراهم ڪرڻ جي خيال کان، ڪجهه صنعتڪار پنهنجو پيداواري عمل نيويارڪ ۽ لاس اينجلس جهڙن انتهائي مهانگن شهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن منجهان جاري رکڻ بجاءِ، ڪجهه ڏورانهن، پرنسبتي سستن علائقن مان وڃي شروع ڪندا آهن ۽ وڏين پگهارن تي ملازم رکڻ بجاءِ، ننڍين ڪمپنين يا فردن کي مخصوص رقم جي ادائگيءَ تحت گهربل ڪم ڪرائي، پيداواري عمل جي لاڳت تي گهٽتائي آڻي، پيداواري وکرن کي منڊيءَ ۾ ڪجهه گهٽ قيمت تي مهيا ڪري، اگهن ۾ ٿيندڙ مقابلي بازيءَ جي ميدان ۾، پنهنجي موجودگي برقرار رکي سگهندا آهن. مغربي ملڪن ۾ هيءَ ڪاروباري رويو انتهائي مقبول ٿيو، ڇاڪاڻ جو غريب ملڪن ۾ ٿيندڙ سياسي تبديلين، معاشي بحرانن ۽ سيڙپڪاريءَ بابت تبديل ٿيندڙ پاليسين سبب ڪيترن عالمي صنعت ڪار گروهن پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي، يورپ ۽ آمريڪا جي ڏورانهن ۽ سستن علائقن ۾ پنهنجا، ڪارخانا لڳائڻ شروع ڪيا، ڇاڪاڻ ته اتي کين وڌيڪ تحفظ ۽ يقين حاصل هو


Remember Me Also:

آهيڙياڻي جمع آهيڙياڻِيوُن

صفت. ’آهيڙي‘ جو مونث. گهٽ ذات واري عورت ، ڪمذات. گوِلي ، ٻانِهي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal