SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Image

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • imidʒ

From the English to Sindhi Dictionary:

Image

شڪل، خيالي تصوير، بت


From the Dictionary of Official Terms:

Image

تصوير- تصور- خيال- خاڪو


From the Print Technology Dictionary:

Image

پاڇو، شبيهه، عڪس


From the Dictionary of International Relations:

Image

اميج

تصور - خاڪو- تاثر

ڪنهن به فرد يا گروهه جي طرفان آسپاس جي سماجي ۽ طبعي حالتن جي ڪيل داخلي منظر ڪشيءَ کي خاڪو، تاثر، تصور يا اثر چيو وڃي ٿو. هيءُ ماضي، حال يا مستقبل بابت حقيقت کان هٽيل اُها تصوراتي ماجرا آهي، جيڪا مخصوص قسم جي نفسياتي وارتائن مان گذري مختلف سُوجهين کي گڏي، هڪ مڪمل خيال جو روپ وٺي دنيا آڏو نروار ٿئي ٿي. بين الاقوامي تعلقات ۾ هڪ تصور ڪنهن به شخص طرفان پنهنجي قومي سڃاڻپ ذريعي قومي ترجيحن کي قومن جي برادريءَ ۾پيش ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿو. اهڙي طرح هن علم ۾ ”تصور“ بابت محسوس ڪرڻ جهڙو بنيادي ايڪو ڪنهن به شخص جي نسلي واسطيداري يا قومي لاڳاپي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. Image بابت اها وضاحت هر فرد جي سماجي اوسر ۽ ماحول سان وابستگيءَ جي بنياد تي طئي ٿئي ٿي. عام طور اڪثر قومي رياستن ۾ ”تاثر“ کي رابطائي نظام جي ذريعي سگهارو ڪري، اُن کي پروپئگنڊا جو حصو بڻايو وڃي ٿو. Image هميشه ڪنهن وارتا جي نتيجي ۾ يا تصوراتي طريقي سان جڙڻ ڪري، قربت يا رقابت جي احساسن کي جنم ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري دوستيءَ يا دشمنيءَ ڀريا تاثر بين الاقوامي برادريءَ ۾مختلف قومن وچ ۾ لاڳاپن جو رُخ متعين ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ دوستيءَ وارا رويا اختيار ڪرڻ سان قومن ۾ دوستيءَ ۽ دُشمنيءَ ڀريا رويا تڪرارن کي وڌائين ٿا. اهڙي قسم جي لاڙي کي عام طور ”اصل اولڙي“ (Mirror Image) جي اصطلاح سان به سڏيو وڃي ٿو. مشهور سماجي سائنسدان ڪي- اي بوڊلنگ (K.E Boulding) جي ڪيل تحقيق ۾ هن اصطلاح بابت 1956ع ۾پهريون دفعو تفصيل سان تذڪرو ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه Image جي حوالي سان بين الاقوامي تعلقات ڏانهن علم نفسيات جي رُخ کان ڪيل تحقيق ۽ ”عام راءِ“ (Public Opinion) واري پهلوءَ کان ڪيل کوجنا جو به خاص لاڳاپو ظاهر ڪيو ويو آهي


Related words with: Image


.


Other Phrases of Image used in Daily life:

.


Image is also used in:

Remember Me Also:

ويٽ ڪرڻ

ويٽ ڪرڻ

هاري جي پوکي جي ڪم لاءِ رٿا ڪرڻ، سِٽاءَ سٽڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal