SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ideology

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • aidiɔlədʒiː

From the Dictionary of Official Terms:

Ideology

نظريو


From the Print Technology Dictionary:

Ideology

نظريو، سوچ ۽ فڪر


From the Dictionary of International Relations:

Ideology

آئڊيولوجي

نظريو- مَتو

”نظريو“ دنيا جي وجود ۾ اچڻ سان گڏ شروع ٿيو. جيڪو اصل ۾ خيالن، تجربن، منزلن ۽ توقعات جو هڪ مجموعو آهي. دنيا ۾ هر انسان جو زندگيءَ بابت پنهنجو نظريو آهي، پر ڪجهه ڏاهن، انسانن ۾ اجتماعيت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪن اصولن تي ٻڌل سهمتيءَ ڀريا نظريا ڏنا آهن، جيڪي دُنيا جي وڏي آباديءَ ۾ راهنما اصولن طور مڃيا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه نظريا مذهب جي بنياد تي موجود آهن، ته ڪي نسلن، علائقن ۽ ثقافتن وغيره جي بُنياد تي وجود رکن ٿا. عالمي سياست ۾ نظريا اهڙن خيالن جو مجموعو آهن، جيڪي رياستي لاڳاپن جي دوران عمل هيٺ ايندي مُختلف نتيجا مهيا ڪن ٿا. دُنيا ۾ آزاد خيالي، آمريت، سرمايه داري، اشتراڪيت، صيهونيت ۽ نازيت سميت ڪيترائي اهڙا نظريا پيدا ٿيا آهن، جن عالمي سياست تي انتها گهرا اثر مُرتب ڪيا. ان کان علاوه زندگيءَ جي مُختلف شعبن، جهڙوڪ معيشيت، واپار، صحت، روزگار ۽ ٻين معاملن بابت به دُنيا ۾ مُختلف نظريا موجود آهن. نظرين جا ڪُجهه هيٺيان اهم قسم آهن. (1) تبديليءَ جا مُخالف (Status Quo) نظريا: جيڪي روايتي بين الاقوامي قاعدن اندر رهندي، بنا ڪنهن نئين رويي اختيار ڪرڻ جي، جاري رهن ٿا. هن دائري ۾ هلندڙ رياستون هڪٻئي جي حقن جو احترام ڪن ٿيون. (2) سامراجيت جا نظريا: هنن نظرين ۾ يقين رکندڙ رياستون ”ساڳيائپ“ جي ماحول کي ٽوڙيندي، اهڙو سرشتو جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جنهن ۾ سندن مُفادن کي ٻين رياستن جي مُفادن مٿان اهميت حاصل ٿئي. هي نظريا طاقت جي حاصلات لاءِ هر قسم جا قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن. (3) منجهيل نظريا: هي نظريا رياستن جي تبديل ٿيندڙ پاليسين سبب اڻ چٽا هوندا آهن ۽ وقت بوقت منجهن توقع جي خلاف ڦيرو ايندو رهندو آهي. ان جو هڪ مثال امريڪي صدر ووڊرو ولسن جو ”قومي اختيار“ وارو نظريو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جمهوري مُلڪ هوندي به، ٻي عالمي جنگ ۾ ابتدائي مرحلي کان شموليت نه ڪئي


.


Other Phrases of Ideology used in Daily life:

Remember Me Also:

پوسراٽ

ذ. حسد ، ساڙ. بغض.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal