SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Idealism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • aidiəlizəm

From the English to Sindhi Dictionary:

Idealism

آدرشيت، اهو اصول ته دنيا خواب آهي، مثاليت


From the Dictionary of Official Terms:

Idealism

تصوريت- مثاليت


From the Dictionary of International Relations:

Idealism

آئيڊيلزم

تصوريت- آدرش واد

هن نظريي کي مُختلف نالن، جهڙوڪ: ڪامل پسندي (Utopianism)، عقليت (Rationalism) ۽ آزاد خيالي/ رواداري (Liberalism) وغيره سان به سڏيو ويندو آهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هي نظريو عالمي سياسي نظام ۾ هڪ رياست طرفان جوڙيل پرڏيهي پاليسيءَ کي مخصوص قومپرستيءَ يا”قومي مُفادن“تائين محدود ڪرڻ جي مُخالفت ڪندي، اعليٰ اخلاقي قدرن، قانوني اصولن ۽ بين الاقوامي روايتن کي رياستي پاليسين جو حصو بنائڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ ’ظاقتي سياست‘ کي تاريخ جو عارضي ڦيرو قرار ڏيندي مستقبل ۾ انسان دوست علم ، انصاف ، رواداري ۽ اُتم اخلاقي قدرن تي ٻَڌل معاشري جي قيام کي عين ممڪن سمجهي ٿو . ان نظريي جا عملي بُنياد ’آمريڪي آزاديءَ جي جنگ‘ (1772ع) ۽ ’فرانسي انقلاب‘ (1789ع) جي آمد سان پيا . جديد دور ۾ مشهور دانشور’ اِي ايڇ ڪار‘ (E.H Carr) هِن نظريي جي مُک بانيڪارن مان ڳڻيو وڃي ٿو . ’ڪار‘ پهرين عالمي جنگ کانپوءِ اِن نظريي جي ڦهلاءَ (جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي تعلقات کي جدا مضمون جي حيثيت ملي) لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ان کان علاوه نامياري تاريخدان ’آرنالڊ ٽوائن بي‘ ، ’نارمن اينجل‘ ۽ ’ايلفرڊ زِِمرن‘ هن نظريي جي نفاذ لاءِ سرگرم رهيا . مُدبر آمريڪي صدر ’وُوڊرو وِلسن‘ جي تصورن کي به انهيءَ سلسلي ۾ اهميت حاصل آهي . جيتوڻيڪ سياست ۾ هيءُ نظريو ويهين صديءَ ۾ ڳڻپ هيٺ آيو، پر ان کان اڳ يورپ ۾ جان لاڪ، جيرمي بينٿم، روسو، ڪانٽ ۽ جِي ايس مِل سميت ٻيا ڪيترا فيلسوف ٿي گُذريا آهن، جن مُختلف حالتن ۽ دورن ۾ ”دليل“ ۽ ”ضمير“ جي آواز جي حمايت ڪندي ، دُنيا ۾ هڪٻئي سان سهڪار امن ۽ ڀائيچاري جي بُنيادن تي بيٺل هڪ انسان دوست سماج جي اڏاوت جا خواب ڏٺا ۽ نظريا ڏنا. انهن نظرين جي پوئواريءَ ۾ نئين دور ۾ عالمي امن لاءِ ادارا ٺهيا ۽ قومن جي مجلس (League of Nations) سميت مُختلف تنظيمون وجود ۾ آيون ، جن نه رڳو هن نظريي جي سچائيءَ پر ”عمل جوڳي“ هئڻ واري دعويٰ کي به دُرست ثابت ڪيو. هي نظريو جمهوري جدوجهدن ذريعي آمريتي سوچ کي شڪست ڏيڻ ۽ جمهوري قوتن وچ ۾ سهڪار جي بنياد تي بين الاقوامي لاڳاپن جي اڳ ڀرائيءَ تي زور ڏئي ٿو


.


Other Phrases of Idealism used in Daily life:

Remember Me Also:

لارو

ذ . لاڙو ، رَغبَت. خيال ، مرضي ، اِڇا. چاههُ ، پيار. تانگهه ، آسرو ، ڀروسو ، آڌار. پاسو ، دلاسو . سنگت ، آسانگو. ”لڳڙيجن جي لاري“ بيدل. دلبو ، ڏَٽو. نمونو ، ريت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal