SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hegemony

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • higeməniː

From the Dictionary of Official Terms:

Hegemony

بالادستي- سرداري


From the Dictionary of International Relations:

Hegemony

هيجيمني

بالادستي

مُلڪي قيادت ۽ اقتدارتي قبِضي لاءِ هڪ سياسي گروهه طرفان، سياسي، اقتصادي، نظرياتي يا ثقافتي طاقت جو استعمال ڪندي، هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ ان جي بنياد تي ٻين گروهن مٿان سندن ظاهري رضامنديءَ کانسواءِ پنهنجي مرضي مڙهڻ واري صورتحال کي هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو ويندو آهي. اوائلي دور ۾ هي طريقو هڪ ”سياسي اثر“ جي صورت ۾ ڪجهه يوناني شهري رياستن طرفان، پاڙيسري رياستن مٿان استعمال ٿيندو هئو، پر هاڻي هي رويو هڪ اصطلاح طور سياسي اثرن کان سواءِ معاشي، ثقافتي ۽ ٻين مختلف حوالن ۽ رُخن ۾ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي ان جو چٽو مثال اطالوي مارڪسي دانشور انتونيوگرامچيءَ جو ”ثقافتي بالادستي“ وارو تصور آهي. بهرحال عام طور تي هي اصطلاح هڪ بي رحم ظالم ڌُر طرفان سياسي نظام تي قبضي يا اقتدار لاءِ حوالي طور سمجهيو ويندو آهي. اڻويهين صديءَ کان، (خاص طور تي تاريخي لکڻين ذريعي)، سياسي ماهرن طرفان مسلسل بيان ڪيو ويو آهي، ته ”بالادستيءَ“ مان مراد، هڪ رياست ٻين رياستن تي طبعي، نفسياتي يا نظرياتي طور قابض هُجڻ آهي. (مثال طور: نئپولين واري فرانس جي، سڄي يورپ مٿان بالادستي يا يونائٽيڊ اسٽيٽس جي سرد جنگ دوران يورپ مٿان بالادستي)


Remember Me Also:

چاٽي

ث. چَسِڪو چشڪو ، مزو ، سواد. چُوس. عادت ، هيرَ. ذائقو. لاڙو ، چاههُ. لَنءُ عشق جي. ”ڪڍ پُنهون ڏي ڪاهي، چاٽِي روح چريو ڪيو“ شاهه. چماٽ ، ٿڦڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal