SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Groupthink

(click word to listen sound
  • 🔊
  • groupthink
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Groupthink

گروپ ٿنڪ

ساڪت روايتي سوچ

ڪنهن اداري ۾ جڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي انفرادي تجربن ۽ سوچ ۽ صلاحيت کي پاسي تي رکي ، ڪن پُراڻن گڏيل نظرين/لاڙن مطابق فيصلا ڪن ٿا ، ته انهيءَ عمل کي “گروپ ٿنڪـ “ طور سڃاتو وڃي ٿو. هن طرح جي فيصلن ڪرڻ جي عمل ۾ڪافي تقصان رسڻ جا خدشا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته هر دور ۾ لاڳو حالتن مطابق ۽ نئين بدلجندڙ سوچ کي سامهون رکي فيصلو ڪجي ته بهتر هوندو آهي. ڪنهن به فيصلي ۾ جيستائين هر ماڻهو پنهنجو الڳ الڳ اظهار (جنهن ۾ شڪ ۽ اختلاف راءِ شامل هجن ٿا) نه ٿو ظاهر ڪري تيستائين ٿيل فيصلي جا نتيجا خاطر خواه نه ٿا ٿي سگهن .1972ع ۾ آمريڪا جي سماجي نفسياتدان ’اِرونگ جينس‘ (Irving L . Janis) هن نظريي کي پهريون دفعو دنيا آڏو چڱيءَ ريت سامهون آندو ، بعد ۾ هن خيال کي هڪ مُک عنصر طور پرڏيهي پاليسيءَ جي لاءِ تمام گهڻو اهم قرار ڏنو ويو. انهيءَ جو وڏو سبب رابطائي نظام جي ترقيءَ سبب ويهين صدي عيسويءَ ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ تيزيءَ سان ايندڙ تبديليون آهي.’ جينس‘ جو خيال آهي ته هڪ اداري يا نظام ۾مختلف ماڻهو مٽيل سوچ سبب ڪو الڳ فيصلو ڪرڻ چاهيندا آهن ، پر مٿانئن روايتي سچ جي حامين جي ناراضگيءَ جو خطرو هجڻ سبب کين نه چاهيندي به روايتي طريقو اختيار ڪرڻو پوندو آهي. ان کان علاوه ڪنهن به نئين ۽ مختلف فيصلي جي امڪاني بُرن نتيجن جي خوف ۽ نتيجي ۾ اداري ۾ فيصلي ڪندڙ جي ساک کي ڌڪ رسڻ جا امڪان هجڻ ڪري ، “ گروپ ٿنڪ“جي نظريي تحت فيصلو ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي وڃي ٿي . ’جينس‘ طرفان 1972ع کان 1982ع دوران ”گروپ ٿنڪ“ جي موضوع تي Victims of Groupthinkنالي ڪتاب ۾ ڪيل تحقيق جو مختصر خاڪو “ گروپ ٿنڪ“ جي عمل ۾ اچڻ جا سبب ۽ انهيءَ جي امڪاني نتيجن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي بنياد تي ٺاهيو ، جنهن جو مختصر وچور هن ريت آهي:
1.   ڪو به گروپ فيصلي ڪرڻ دوران ڪنهن به ٻيءَ اهم ڌُر جي ناراضگي ۽ تنقيد نه ٿو ڏسڻ چاهي.
2.   گروپ جي اڳواڻ جي روايتي حيثيت ۽ مرتبو برقرار رکڻ ۽ سندس حڪم مڃڻ جي مجبوري.
3.   ڪن معاملن ۾ تڪڙو فيصلو حالتن جي جبر تحت ٿئي ٿو ، جن کي نظرانداز ڪرڻ مشڪل آهي


Remember Me Also:

اڻ ويڙهيل

ذ. صفت. نه ويڙهيل وار ، اَڻ ڳُتيل وار ، چوٽي نه ٿيل وار.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal