SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Governance

(click word to listen sound
  • 🔊
  • governance
  • )

From the English to Sindhi Dictionary:

Governance

حڪمراني، اختياري


From the Dictionary of Official Terms:

Governance

حڪمراني- حڪومت


From the Dictionary of International Relations:

Governance

گورننس

حڪمراني-حاڪميت جو طريقو

حڪمراني (Governance) جيتوڻيڪ حڪومت جي تصور سان جڙيل آهي، ان هوندي به اهو حڪومتي اختيار هيٺ ڪنهن خاص قانوني نظام ڏانهن اشارو ڪري ٿو. حڪومت مان مطلب اهڙي سرگرمي آهي ،جيڪا با اختيار فرد/ جماعت طرفان آئيني ۽ قانوني تقاضائن مطابق سرانجام ڏني وڃي . جڏهن ته حڪمراني وڌيڪ وسيع لفظ آهي . اهو اصطلاح رياستي ڪار وهنوار ۾ حڪومتي ادارن طرفان ٿيندڙ فيصلن، عوامي اميدن جي پورائي ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ سان لاڳاپيل ۽ سماج جو رسمي توڙي غير رسمي ڪاروهنوار هلائيندڙ مختلف عنصرن تي ٻڌل هوندو آهي . جيڪي رياست ۾ استحڪام کي قائم رکڻ ۽ هاڪاري تبديليءَ/ترقيءَ لاءِ ماحول مهيا ڪن ٿا . بين الاقوامي تعلقات ۾ هي اصطلاح ادارن جي جوڙجڪ ۽ حڪومتي نظام (Regime) لاءِ گڏيل طور استعمال ٿيندو آهي . اڄڪلهه جي استعمال مطابق ، لفظ ’حڪمراني‘ سان گڏ عام ڪري صفت ”سٺي“ (Good) جو اظافو ڪيو ويندو آهي . اهو تصور جمهوريت جي ڦهلاء َ، ادارتي استحڪام ۽ آزاد منڊيءَ سان جڙيل آهي. خاص طور عالمي بئنڪ ۽’آئي ايم ايف‘ جي اڀياس موجب ، دنيا ۾ جيڪي به حڪومتون ڪرپشن، اقربا پروري، آمريت ۽ انتهاپسنديءَ جو شڪار آهن، سي حڪمرانيءَ جي بهتر ماڊل طور پيش نه ٿيون ڪري سگهجن


.


Other Phrases of Governance used in Daily life:

Remember Me Also:

ڪيو

فعل. ڪرڻ مصدر مان زمان ماضي. صفت. ننڍي قد وارو ، ڇوٽو ، بندرو ، ڊينبو ، پستو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal