SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Goals

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • goulz

From the Dictionary of International Relations:

Goals

گولس

منزلون- مقصد- نشانا

هي اصطلاح ڪنهن به ڌر جي طرفان طئه ڪيل مقصدن جي حاصلات ڏانهن وڌڻ واري ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي . جيتوڻيڪ عام طرح بين الاقوامي تعلقات ۾ ان اصطلاح کي، ڪنهن به رياست طرفان قومي مُفاد جي حفاظت ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر ساڳيو حوالو غير رياستي ڌرين NSAs سان سلهاڙڻ لاءِ مناسب معلوم نٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو انهن ڌرين جا مقصد، گروهي يا انفرادي مفادن جي چوڌاري ڦرندا آهن. جڳ مشهور محقق ’آرنالڊ وولفرز‘ ) (Arnold Wolfers ”گولس“ بابت ٻه قسم بيان ڪيا آهن.
(1) وس جوڳا: جيڪي ڪنهن به ڌر يا رياست طرفان قومي خوشحالي ماڻڻ يا سلامتي حاصل ڪرڻ جي نشاندهي ڪندا آهن.
(2) اراداتي: جيڪي روايتي قومي سرحدن کان مٿڀرا هوندا آهن، ۽ اجتماعي اهميت رکندا آهن، مثال طور: ماحولياتي گدلاڻ جو خاتمو، يا گڏيل قومن جي اداري کان بهتر ڪارڪردگيءَ جي توقع. ان کان علاوه ”گولس“ کي وڌيڪ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيندي، ”سڌن سنئون قومي مفادن وارا ۽ اڻ سڌن قومي مفادن“ وارا مقصد ڳڻايا ويا آهن. منجهائڻ پهرين ڀاڱي ۾ رياستي مفاد لڪل هوندا آهن، جڏهن ته بعد وارن مقصدن ۾ خانگي يا رياست جي ڪنهن شعبي جا مفاد حاصل ٿيندا آهن. ڪنهن به مقصد جي تڪميل ۽ ارادي جي سلسلي ۾، ان لاءِ گهربل لوازمات ۽ وقت جي سيڙپ ٻه اهم محرڪ هوندا آهن، تنهنڪري ڪنهن به مقصد جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي، اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪٿي ان حوالي سان حاصلات جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قيمت ته ادا ڪرڻي نه ٿي پوي! ساڳي طرح اهو پڻ ڳڻيو ويندو آهي، ته ڪنهن به مقصد جي تڪميل ۾ ڪٿي وقت جي سيڙپ ڊگهي ته نه ٿي ويندي. انهيءَ ڪري لاڳاپيل مقصد جي حاصلات لاءِ وچ - مُدتي، ڊگهيون يا گهٽ- مُدتي رٿا بنديون ڪيون وينديون آهن . جهڙوڪ، سرد جنگ دوران سوويت يونين سان همسري ڪرڻ ۽ هٿيار سازيءَ ۾ (Containment) جي سلسلي ۾ آمريڪا جي ٻن اهم حڪومتي پارٽين ريپبلڪ ۽ ڊيموڪريٽڪ جماعتي مفاد کان هٽي ڪري ، ڊگهي مدي واريون رٿابنديون ڪيون ، جڏهن ته برطانيا ”فاڪ لئنڊ“ واري مسئلي تي ارجنٽائين خلاف ٿوري مدي واري حڪمت عملي جوڙي


Remember Me Also:

نرو ڏيڻ

نَرو ڏيڻ

منهن سامهون ٿيڻ، وڙهڻ لاءِ آماده ٿيڻ، تڪرار ڪرڻ. غرور ڪرڻ. ڪنڌ مٿي کڻڻ، اُڀو ڳاٽ ڏيڻ. ضد ڪري بيهڻ. دٻائڻ، هيسائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal