SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Globalism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • globalism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Globalism

گلوبلزم

عالمگيريت- ڀونءِ- واد

هي هڪ نظريو ۽ تجزيي ڪرڻ جو ڏانءُ آهي ، جنهن تحت قومن طرفان گڏجي آدرشي عالمي برادري جوڙڻ يا هڪ قوم يا ڌُر طرفان پنهنجن مُفادن کي عالمي سطح تائين ڦهلائڻ آهي. اهڙي طرح هن اصطلاح کي ٻه مُختلف ۽ هڪٻئي جون مُخالف معنائون مليل آهن. پهرين معنيٰ مطابق ”عالمگيريت“ هڪ اهڙو رويو يا پاليسي آهي، جنهن مطابق دُنيا جي گڏيل مفادن کي ڪنهن به هڪ قوم جي مُفادن کان بالاتر رکڻ آهي. جڏهن ته ٻي معنيٰ مطابق، سڄي دُنيا کي ڪنهن به هڪ سگهاري ڌر يا طاقت جي سياسي، معاشي ۽ فوجي اثر جي تابع ڏسڻ آهي. سياسي سائنسدان ’جوزف ناءِ‘ جي چوڻ موجب: ”عالمگيريت“ اڄوڪي دور ۾ هڪ اهڙي دُنيا جو خاڪو پيش ڪري ٿي، جنهن ۾ بين الاقوامي رابطن ۽ سرشتن جو دائرو مُلڪن ۽ کنڊن جي حدن کان ٽپي، ڌرتيءَ جي گولي تي ٿيندڙ تبديلين ۾ هر ڌُر کي ڀائيوار ڪري ٿو. اهڙي طرح ڪنهن به هڪ هنڌ تي آيل وڏي تبديلي دُنيا جي مڙني مُلڪن ۽ ڌُرين تي پنهنجا اثر ڇڏي ٿي. جڏهن ته Globalisation جو عمل اهڙن اثرن جي شدت ۾ گهٽتائي ۽ واڌ جو تعين ڪري ٿي. ”عالمگيريت“ پُراڻي دور ۾ سلطنتون قائم ڪرڻ ۽ دُنيا تي حاڪميت ڪرڻ وارن رُجحانن سان اڳتي وڌي، هن دور ۾ علم، هُنر ۽ وسيلن جي طاقت تي، دُنيا کي پنهنجي اثر هيٺ رکڻ وارن روين جي عڪاس آهي. جديد دُنيا ۾ عالمگيريت، معاشي، فوجي، ماحولياتي ۽ سماجي شعبن جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي، جديد دور ۾ هن تصور کي ’ٿامس فريڊمئن‘ تفصيل سان واضح ڪندي چيو ته، هيءُ سرشتو بين الاقوامي گهڻ قومي ڪارپوريشنز (MNCs) جي ڦهلايل ڪلچر تحت هلي ٿو ۽ ان سرشتي ۾ واپاري طاقت جي بُنياد تي دُنيا تي حڪمراني ممڪن بڻائي وڃي ٿي. اهڙي حڪمرانيءَ ۾ ڪنهن به هڪ رياست تي عملي طور قبضو ڪرڻ بجاءِ، ان کي ثقافتي ۽ ٽيڪنيڪي طور سگهاري ڌُر جو محتاج بنائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو


Remember Me Also:

محمد آباغ

مُحَمدُ آباغُ

اسم خاص. تعلقي سکر ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal