SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Genocide

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • dʒenəsaid

From the Dictionary of International Relations:

Genocide

جينو سائيڊ

قتلِ عام-نسل ڪُشي

قتل عام، ڄاڻي واڻي باضابطه طريقي سان ڪنهن مخصوص ڌُر کي ناس ڪرڻ جو هڪ طريقو. گڏيل قومن جي قتل عام بابت ڪوٺايل ڪنوينشن (ڊسمبر 1948ع) جي شق- 2 مطابق: ڪنهن به قوميت، نسلي آباديءَ يا گروهه جي ميمبرن کي رٿابنديءَ سان قتل ڪرڻ، جسماني يا ذهني عذاب ڏيڻ، کين اولاد پيدا ڪرڻ کان منع ڪرڻ، سندس ٻارن کي هڪ نسلي گروهه ۾ منتقل ڪرڻ ۽ مختلف مرحلن يا هڪ ڌڪ ۾ ڪنهن نسلي گروهه کي سندس عقيدن ۽ نظرين جي ڪري ختم ڪرڻ وارو عمل ”قتل عام“ چيو ويندو آهي. هن اصطلاح کي قانوني وضاحتن سان پهريون دفعو پولينڊ جي وڪيل ۽ دانشور ’رافيل ليمڪن‘ پيش ڪيو. انهن وضاحتن موجب ڪنهن به تڪرار ۾ هارايل يا ڪمزور ڌُر، ملڪ ۽ رياست تي پنهنجو ڌاڪو ويهارڻ يا اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فاتح مُلڪ اتي مخصوص نسل جي آباديءَ جي قتل عام جهڙا انسان دشمن عمل ڪرائيندو آهي. قتل عام جو هڪ وڏو مقصد مخالف جي نسل کي ختم ڪري، کيس اقليت ۾ آڻڻ يا هيسائڻ پڻ هوندو آهي. تاريخ ۾ ان قسم جا بدترين مثال چنگيز، هلاڪو ۽ هٽلر وغيره جون اُهي پاليسيون آهن، جن تحت سندن فوجن فتح ٿيل ملڪن ۾ اُتان جي آبادين مان نسلن جا نسل ختم ڪري ڇڏيا. موجوده دور ۾ سرب انتهاپسندن طرفان بوزنيا ۾ مسلمانن جي قتل عام وارا معاملا، عالمي سياست ۾ وڏي عرصي تائين چوٻول جو باعث رهيا


ٻارن جي لغت مان

Genocide

گرامر noun

- اسم

نَسل ڪشِي


Remember Me Also:

ڙيٻو

ذ. لُڙ ، هُل. هنگامو ، جهيڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal