SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Gaullism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • gaullism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Gaullism

گال ازم

گال-تتُ

هيءُ فرانسيسي سياسي نظريو آهي، جيڪو فرانس جي سياسي مدبر ۽ اڳواڻ چارلس ڊي گال جي سياسي بصيرت جي ڪري سندس نالي سان مشهور ٿيو. اِن نظريي جي اهم نُڪتن ۾ فرانس جي خودمختياري ۽ آزاد حيثيت برقرار رکڻ ۽ فرانس جون بيٺڪون وڌائڻ هو. انهن نڪتن تحت دُنيا ۾ فرانس جي حيثيت مٿانهين بڻائڻ ۽ فرانس جي معيشت جو مستقبل شاندار ڪرڻ لاءِ فرانس جي صدر ڊي گال (جنهن ٻي عالمي جنگ دوران پنهنجي مُلڪ جي شاندار قيادت ڪندي کيس وڏن بحرانن ۾ سوڀارو ڪيو) جي ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين کي حڪومتي سرشتي ۾ مرڪزي حيثيت ڏني. گالازم جو اثر 1958ع ۾ تمام گهڻو وڌيو، جڏهن ڊي گال يورپ ۾ امن لاءِ ڪوششون ورتيون. ڊي گال فرانس جي ماضيءَ ۾ وڏي دشمن جرمنيءَ سان به تعلقات بهتر بنائڻ لاءِ جرمنيءَ جي چانسيلر Adenauer Konardسان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون ۽ گڏوگڏ اولهه جرمنيءَ جو دورو ڪري فرينڪو- جرمن اتحاد قائم ڪري آمريڪا ۽ برطانيا کي پاسيرو رکيو، ڇاڪاڻ ته ڊي گال جو خيال هو ته اهي ٻئي ملڪ سپرپاور ٿيڻ جي چڪر ۾ دُنيا ۾ ٻيهر مانڌاڻ ۽ بدامنيءَ واري صورتحال پئدا ڪري سگهن ٿا. اهوئي سبب هيو جو فرانس آمريڪا جي معاشي سرشتي (Gold Exchange Standard) کي کُلي دل سان قبول نه ڪيو. ڊي گال جي ان پاليسيءَ کي جاري رکندي، 1966ع ۾ فرانس پنهنجي ميمبرشپ NATO جي فوجي شعبن مان ختم ڪئي ۽ يورپ ۾ به برطانيا کان الڳ ٿي، پنهنجون علائقائي سرگرميون جاري رکيون. ڊي گال فرانس جي فوجي قوت کي وڌائڻ لاءِ ائٽمي سگهه جي پروگرام کي تمام گهڻو اڳتي وڌايو. انهيءَ ائٽمي پروگرام ۾ جنگي استعمال سان گڏ بجلي پئدا ڪرڻ جون رٿائون به جوڙيون ويون. انهيءَ دؤر ۾ ڊي گال جي اثر هيٺ يورپ جي ماڻهن آمريڪا تي ويٽنام خلاف جنگ ڪرڻ تي ڏاڍي تنقيد ڪئي. ڊي گال انهيءَ دؤر ۾ آمريڪي اثر کان پاڪ ”يورپ جي قيام“ ۽ اهڙي آزاد يورپ ۾ فرانس جو هڪ الڳ مقام حاصل ڪرڻ پئي گهريو. انهيءَ پاليسيءَ جو مقصد فرانس کي دُنيا جي اهم معاشي ۽ فوجي طاقت طور مڃتا ڏيارڻ ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ فيصلن ۾ فرانس جي اهميت کي وڌائڻ هو. هيءُ نظريو فرانس جي سياست تي ڪيترن ڏهاڪن تائين ڇانيل رهيو ۽ فرانسيسي سياستدان هن نظريي جي عوامي مڃتا کي نظر ۾ رکندي ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيون جوڙيندا رهيا


Remember Me Also:

پڃي

ذ. صفت. نيڪ ، سخي ، فياض. خير جو ڪم ڪندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal