SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Francophonic

(click word to listen sound
  • 🔊
  • francophonic
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Francophonic

فرئنڪوفونڪ

فرانسيسي ٻولي ڳالهائيندڙ قومون

هي اصطلاح، فرانسي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ فرانسيسي ثقافت ۽ سڀيتا ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪندڙ دُنيا جي مُختلف قومن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. پر عام طرح هي اصطلاح اڻويهين صديءَ ۾ فرانسيسي قبضي هيٺ آيل اُتر آفريقي قومن جي لاءِ استعمال ۾ ايندو هو، جيڪو نئين روپ سان 1960ع ۾ سينيگال جي صدرسينگهور طرفان ڪتب آندو ويو ۽ 1954-62ع ۾ الجيريا جي آزاديءَ واريءَ هلچل دوران ان کي مشهور فرانسيسي Espirit رسالي جي خاص شماري ۾ شامل ڪيو ويو. بعد ۾ فرانسي ڳالهائيندڙ دُنيا ۾ 200 کن سرڪاري ۽ خانگي تنظيمن جو قيام عمل ۾ آيو، جن مان اڪثر جو مرڪز پئرس ۾ قائم ٿيو. انهن تنظيمن جو مقصد، اهڙين 35 رياستن جي وچ ۾ ”سُڃاڻپ جي ڀائيواري“ پيدا ڪرڻ هو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان فرانسيسي ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏينديون پئي رهيون. چئن فورمن/ رُخن ۾ هن قسم جي سرگرمي جاري رهي.
(1) . فني / هُنري ۽ ثقافتي سهڪار جي تنظيم [Agency, de Coopration Culturelle et Technique (Actt- 1966)] جو قيام
(2) . انهن ملڪن جون ساليانيون سربراهه ڪانفرنسون
(3). فرانس پسند رياستن جون ترتيبوار گڏجاڻيون ۽
(4). فرانسيسي ٻولي ڳالهائيندڙ رياستن جي سيڪريٽريٽ جو پايو. هنن سرگرمين جو هڪ مقصد دُنيا ۾ فرانسي ثقافت جو ڦهلاءُ ڪندي، جمهوري ۽ آزاد خيال فڪر کي پکيڙي، لاڳاپيل رياستن کي انگريزي ٻوليءَ جي اثر کان ٻاهر رکڻ هُو


Remember Me Also:

قليو

ذ. صفت. ع. قَلِيَه < قَلِي + تئي ۾ ڪا شيءِ ڀُڃڻ اُٻاريل ، ٽهڪايل. مصالح ڏنل گوشت وغيره گاجرا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal