SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Extradition

(click word to listen sound
  • 🔊
  • extradition
  • )

From the English to Sindhi Dictionary:

Extradition

هڪ ملڪ جو ٻئي ملڪ کي ڀڳل ڏوهي ڏيڻ


From the Dictionary of Official Terms:

Extradition

ملزمن جي تحويل


From the Dictionary of International Relations:

Extradition

ايڪسٽرئڊيشن

ڏوهاري يا جوابدار جي حوالگي

ٻن رياستن جي وچ ۾ طئي ڪيل معاهدو ، جنهن ذريعي اُهي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن يا سزا کاڌل ڏوهارين جي ٻانهه ڏوهه جي واردات ٿيل رياست/حڪومت /اختياريءَ کي ڏيڻ لاءِ پابند هونديون آهن ته جيئن ڏوهاري مليل سزا ڀوڳي سگهن يا قانوني ڪارروائيءَ کي منهن ڏيئي سگهن . عام طور تي هر رياست خودمُختيار هئڻ سبب سندس سرحدن اندر رهندڙ هر شهريءَ جي حفاظت جو حق رکي ٿي . ان ڪري اها ڪنهن به الزام يا ڪيل ڏوهه جي بنياد تي پنهنجي ڪنهن به شهريءَ/رهاڪوءَکي زوريءَ يا گذارش تي ڪنهن به ٻيءَ رياست جي حوالي ڪرڻ لاءِ پابند نه آهي . بلڪه هن طرفان ڪيل ڪنهن به ڏوهه تي مُلڪي قانون هيٺ ڪارروائي ڪرڻ جو حق رکي ٿي . ان ڪري ڏوهاري شخص جي حوالگيءَ لاءَ خاص معاهدن جي ضرورت پوي ٿي . ’حوالگيءَ‘ جو عمل لاڳاپيل شخص کي ملڪي هوائي اَڏي تان واپس ڪرڻ، ملڪي سرحدن ۾ داخلا جي اجازت نه ڏيڻ ، مقامي عدالت ۾ مقدمي کي منهن ڏيندڙ شخص جي مقدمي کي (ڪنهن بين الاقوامي اداري يا اختياريءَ جي چوڻ تي ) منتقل ڪرڻ ۽ ڪنهن خطي سان لاڳاپيل ملڪ جي درخواست تي ملزم/ڏوهاريءَ کي پيش ڪرڻ ذريعي مڪمل ڪري سگهجي ٿو . ’حوالگيءَ‘ جو سلسلو عدالت يا انتظامي ۽ گڏيل به ٿي سگهي ٿو . ڏوهاريءَ کي حوالي ڪرڻ کان اڳ مقامي اختيارين کي مٿانئس لڳايل الزامن ۽ مقدمي جي مضبوط هجڻ بابت پڪ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو آهي


.


Extradition is also used in:

Remember Me Also:

مرزا واهه

مِرزا واههُ

اسم خاص. تعلقي شڪارپور ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal