SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Extra-territoriality

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ikstrə
  • territoriality
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Extra-territoriality

ايڪسٽرا ٽيريٽوريلٽي

ڏيهي قانون جي سرحدن کان ٻاهر عملداري

ڪو به ملڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ کي پنهنجي باشندن لاءِ سندن اباڻي ملڪ جي قانون مطابق رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو پابند ڪري، ته انهيءَ نظام کي سرحد کان ٻاهر قانون جي عملداريءَ (Extra-territoriality) جو نالو ڏنو وڃي ٿو.مثال: جيڪڏهن ملڪ ”الف“پنهنجي ملڪ مان موت جي سزا کي قانوني طور ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ ”الف“جو رهاڪو ملڪ ”ب“ ۾ وڃي، اهڙو ڏوهه ڪري ٿو. جنهن جي سزا اتي موت هجي، ان صورت حال ۾ ملڪ ”الف“ پنهنجي قانون مطابق ملڪ ”ب“ کان گهر ڪري سگهي ٿو، ته ملڪ ”الف“ جي ڏوهاريءَ کي موت جي سزا نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ”الف“ ۾ موت جي سزا کي ختم ڪيو ويو آهي. اهڙي گهُر کي Extra-territoriality به چيو وڃي ٿو. جنهن دؤر ۾ انگريزن جو دُنيا جي وڏي حصي تي راڄ هو، ان وقت انگريز هر ملڪ (جيڪي هنن جي قبضي يا اثر هيٺ هئا) جي ڪورٽن ۽ انتظامي فيصلن ۾ پنهنجن باشندن لاءِ پنهنجي ملڪ جو قانون هلائيندا هئا. هينئر Extra-territoriality واري اصول کي ٻئي مُلڪ سان لاڳاپن جي نوعيت موجب سفارتي طرح (Diplomatically) سان استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪجهه معاملن ۾ ڪن ملڪن پاران ملڪي قانون کي ڪنهن ٻئي مٿان زوريءَ به مڙهيو ويندو آهي. جيئن نيٽو جي قائم ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به هو، ته جيڪڏهن دُنيا جو ڪو ملڪ بين الاقوامي قانون مڃڻ کان بغاوت ٿو ڪري، ته ان کي زوريءَ مڃائڻ لاءِ نيٽو طرفان طاقت جو استعمال ڪيو وڃي.


Remember Me Also:

چوچرو

ذ. بُهتان ، الزام. چُرچَ. بدنام ڪرڻ لاءِ گلا. حرڪت. دشمنو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal