SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Expropriation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • iksprouprieiʃən

From the Dictionary of Official Terms:

Expropriation

قبضو- بي دخلي- ضبطي


From the Dictionary of International Relations:

Expropriation

ايڪسپروپريئيشن

مال ملڪيت جي ضبطگي

بين الاقوامي قانون ۾ استعمال ٿيندڙ هن اصطلاح ذريعي، هڪ رياست طرفان ”ڌارين“ جي مال مڏيءَ جي ضبطگي عمل ۾ ايندي آهي. خاص طور تي جنگ ذريعي قبضي هيٺ آيل علائقي جو مال ملڪيت قابض رياست جي وس ۾ اچي ويندو آهي، جنهن کي بين الاقوامي قانون تحت ڪجهه شرطن، (مثال طور: عوامي فائدي جي خيال کان يا عيوضي بدلي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان) جي پورائي کان پوءِ جائز قرار ڏنو ويو آهي، البته ماهرن جو خيال آهي انهيءَ معاملي ۾ بين الاقوامي قانون اڻ پورو آهي ۽ سندس ٻڌايل شرطن تي عمل ممڪن نه آهي. ويهين صديءَ ۾ بيٺڪيت جي خاتمي ۾ ڪميونزم جي عروج سبب ”ايڪسپروپريئيشن“ جي عمل تمام گهڻي اهميت حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ جو اڻويهين صديءَ ۾ ٿيل بيٺڪي والار جي نتيجي ۾، سندن معيشيت سرحدي قيد کان ٻاهر نڪري، قبضي ڪيل علائقن تائين پهتي، ته قابض قوتن مقامي آباديءَ جي ملڪيت ۽ ٻين وسيلن کي ڦٻائي ، پنهنجي معاشي والار جو حصو بڻائي ڇڏيو. ان جي جواب ۾ سوويت سهڪار سان اٿيل آزاديءَ جي تحريڪن، ٽين دنيا جو مال ملڪيت ڦٻائڻ ۽ انهن جي ازالي لاءِ معاوضي جي ادائگيءَ جي مسئلي تي وڏا ملهلا ڪيا. جن جي جواب ۾ طاقتور رياستن سفارتي ناتن ٽوڙڻ، احتجاج ۽ معاشي توڙي فوجي پابندين سميت، متاثر ملڪن جي داخلي معاملن ۾ به مداخلت ڪئي. ان جو هڪ مثال: آمريڪا طرفان ”بي آف پگس“(Bay of Pigs) ذريعي ڪيوبا ۾ ڪيل مداخلت آهي. ان کان علاوه 1972ع ۾ يوگنڊا طرفان ايشيائي آباديءَ جي ملڪيت ضبط ڪرڻ وارو عمل ۽ نازي فوجن طرفان. فرانس ۾ ڪيل لٽ مار هن سلسلي جا اهم واقعا آهن.


Remember Me Also:

رقص طائوس

ذ. [ع. رقص + ف. طائوس = مور] مور جو ناچ ، ناچ جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal