SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Euro

(click word to listen sound
  • 🔊
  • euro
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Euro

يورو

يورو

”يورپي معاشي ۽ مالياتي يونين“ (EMU) جي ميمبرن ۾ آسٽريا، بيلجيم، قبرص، فنلئنڊ، فرانس، جرمني، يونان، آئرلنڊ، اٽلي، لڪسمبرگ،مالٽا، نيدرلئنڊس، پورچوگال، سلاويڪيا، سلونيا ۽ اسپين، شامل آهن. انهن ملڪن جنوري 1999ع ۾ ”يورو“ کي باهمي ڏيتي ليتيءَ لاءِ معياري سڪي طور منظور ڪيو ۽ بعد ۾ 01 جنوري 2002 کان ان کي سرڪاري سطح تي ڪار- وهنوار لاءِ گڏيل سڪي جي حيثيت ۾ چالو ڪيو. ان کان سواءِ يورپ جي ٻين ملڪن مانٽينگرو، اندورا، موناڪو، سئن مارينو ۽ ويٽڪن به ”يورپي يونين“ کان ٻاهر هوندي ”يورو“ کي سرڪاري ڪرنسيءَ جي حيثيت ڏني آهي. ”يورو“ ڊالر کان پوءِ دنيا جي ٻئي وڏي ”ناڻي جي ذخيري“ (Reserve Currency) طور استعمال ته ٿئي ٿو، پر ان جي نوٽن جو ڦهلاءُ، 2010ع ۾ آمريڪي ڊالر کي مات ڏيئي چڪو آهي. جن علائقن ۾ اهو سڪو سرڪاري طرح استعمال ٿئي ٿو، اهي علائقا ٻئي نمبر تي سگهارو معاشي خطو آهن. ”يورو“ جي نالي سان هن سڪي جا ڪاغذي نوٽ 16 ڊسمبر 1995ع تي منظور ڪيا ۽ هن وقت يورو دنيا جي مالياتي ۽ ڪاروباري وهنوار ۾ ڏينهون ڏينهن اڳتي آهي.


Related words with: Euro


Remember Me Also:

سيد الشهداء

اسم خاص. [ع. سيد + شهدا = شَهِيدَ] شهيدن جو سردارُ ، امام حسين عليه السلام ۽ حضرت حمزه جن جو لقب.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal