SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Escalation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • eskəleiʃən

From the Dictionary of International Relations:

Escalation

ايسڪيليشن

ڇڪتاڻ ۾ واڌ-تڪراري ڊوڙ

ڪن به ٻن تڪراري ڌرين وچ ۾ نفسياتي توڙي طبعي حوالن سان ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو عمل جيڪو ٻنهي ڌرين ۽ ساڻن واسطيدارن ۾ ڳڻتيءَ ۽ بيچينيءَ جي صورتحال کي جنم ڏئي. ان صورتحال ۾ ٻن ملڪن جي سرحدن تي فوجن جي انگ ۾ واڌ، هٿيار ٺاهڻ جي عمل ۾ تيزي، پروپيگنڊائي طريقن ۾ تندي ۽ ٻيا ڪيترا محرڪ سگهارا ٿي ويندا آهن. بين الاقوامي تعلقات ۾ هي اصطلاح پهريون ڀيرو1938ع ۾ ڪتب آندو ويو ، پر’ٿڌي لڙائيء‘َ واري دور ۾ ٻن جڳ پڌرن ماهرن ’هرمن ڪان‘ جي ڪتاب On Escalation (1965) ۽ ’برنارڊ بروڊي‘ جي ڪتاب Escalation and the Nuclear Option (1966) ذريعي تمام گهڻو مشهورٿيو. هي اصطلاح سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ ۽ عالمي معاملن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ ڌيان جو سبب بڻيو. ان ذريعي ٻنهي مها طاقتن منجهه تباهيءَ جوڳي ۽ تڪليف ڏيندڙ تنازعا شروع ٿيا. جيڪي ’ڪيوبائي ميزائيل مامري‘ سميت مختلف معاملن/رخن ۾ ٽين مهاڀاري لڙائيءَ جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيا. هي اصطلاح جنگي هنر، معاشيات، نفسيات ۽ ٻين شعبن ۾ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ بيان ڪرڻ لاءِ De-escalation جو اصطلاح ڪم آڻبو آهي. ان ذريعي ٻن تڪراري ڌرين ۾ عروج تي پهتل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ويڙهه لاءِ تيار ڌرين کي ٺاري سرچاءَ واري رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ سفارتڪاريءَ سميت هڙئي امن ڀريا طريقا آزمايا ويندا آهن. ان جي نتيجي ۾ تڪراري ڌريون غير فوجي طريقي سان پنهنجا اختلاف نبيرينديون آهن. ان جو هڪ مثال ’ڪيوبائي ميزائيلن وارو گهوٽالو‘ آهي، جنهن ۾ ٻنهي مها طاقتن ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۽ گهٽائڻ جي سلسلي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي


Remember Me Also:

کاڄو

ذ. کاڄ ، کاڌو ، تيلي ٻج جو هڪ قسم ، بوهي چڻو ، مڱ ڦري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal