SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Dumping

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • dʌmpiŋ

From the Dictionary of Commerce & Banking:

Dumping

هي اصطلاح بين الاقوامي واپار ۾ تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن پيداوار جو جهجهو مقدار ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙي اگهه ۾ وڪجندو هجي جو نفعي جي شرح تمام گهٽ، ڪن حالتن ۾ خسارو ٿيندو نظر اچي، ڇو ته ان پيداواري ملڪ ۾ ان شي جي پيداوار ۾ واڌ ٿي ويندي آهي. جنهن ملڪ ۾ ا


From the Dictionary of Official Terms:

Dumping

ڍير ڪرڻ- گدام حوالي ڪرڻ


From the Dictionary of International Relations:

Dumping

ڊمپنگ

ڦٽو ڪرڻ - ضايع ڪرڻ

هي اصطلاح سياسي معيشت ۽ ماحولياتي سياست ۾ مُختلف طريقن سان استعمال ٿيندو آهي. پهرئين شعبي جي مقصد موجب، ڪنهن به مُلڪ طرفان عالمي پڙِيءَ ۾ مال جون قيمتون ڄاڻي واڻي گهٽائي ۽ منافعي ۾ گهٽتائي آڻي مقابلو ڪندڙ ڌُر کي پڙيءَ جي چٽاڀيٽيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ هوندو آهي. هيءُ عمل ٻن ڌُرين ۾ واپاري جنگ به ڇيڙي سگهي ٿو.ڇو ته ان ۾ عالمي واپاري تنظيمن ۽ ڌُرين جي وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ جا امڪان هوندا آهن. اهڙي قسم جي پاليسي يورپي يونين ۽ برادريءَ طرفان اختيار ڪيل ”گڏيل زرعي پاليسي“ (GAP) جي نتيجي ۾ غيريورپي اُسريل مُلڪن ۽ يورپي يونين وچ ۾ شديد اختلافن کي جنم ڏيئي چُڪي آهي.هن پاليسيءَ جي ٻئي مقصد موجب، جڏهن ڪا به ڌُر ڪنهن به قسم جو گند ٻُهريا فالتو مواد عالمي سمنڊن ۾ ڦٽي ڪندي آهي ته سمنڊ جي آسپاس موجود مُلڪن لاءِ ماحولياتي گدلاڻ وارا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن. 1970ع لنڊن ۾ ”لنڊن ڊمپنگ ڪنوينشن“ تحت اهڙي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ان تي نظر رکڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي وئي


.


Dumping is also used in:

Remember Me Also:

جوال

ذ. سِڻيءَ مان ٺهيل ٻورِي. ڳوڻِ ، ڳوڻين مان ٺهيل وڏو ٻورو ، ٻوجهو. دغا ، ڌوڪو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal