SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Disarmament

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • disɑːməmənt

From the Dictionary of Official Terms:

Disarmament

اسلحي جي گهٽتائي- ڪمي


From the Dictionary of International Relations:

Disarmament

ڊس آرمامينٽ

هٿيارن جي ڪَتَر

دنيا ۾ هٿيار ٺاهڻ، وڪڻڻ، کوڙڻ ۽ پکيڙڻ واري عمل کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ورتل ڪوششن کي Disarmament چيو وڃي ٿو. هن سڄي جاکوڙ جو اصل مقصد هڪ اهڙي امن ڀري دنيا جو قيام آهي، جيڪا هٿيارن کان پاڪ هُجي. انهن ڪوششن ذريعي هٿيارن کي گهٽائڻ، هٽائڻ ۽ مڪمل خاتمي جو پيغام ڏنو ويندو آهي. هٿيارن جي ڊوڙ ۾ گهٽتائي مختلف طريقن ۽ سطحن تي ٿيڻ ممڪن آهي. اها گهٽتائي علائقائي يا عالمي سطحن تائين، هڪ طرفي، ٻه – طرفي يا گهڻ- طرفي ٿي سگهي ٿي. ساڳئي وقت اها گهٽتائي محدود يا مُڪمل، ڪجهه هٿيارن يا هر قسم جي هٿيارن جي حوالي سان به ٿي سگهي ٿي. پر هن تحريڪ جو اصل مقصد ڌرتيءَ تي هر قسم جي هٿيارن جو مڪمل خاتمو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ هميشھ فاتح قومن Disarmament وارو عمل هارايل قومن تي مڙهيو آهي. مثال طور ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اتحادين جرمنيءَ تي هٿيار نه ٺاهڻ جو شرط مڙهيو ۽ نار واري جنگ (1991ع) ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين عراق تي ساڳيون پابنديون لاڳو ڪيون. اِن عمل جي ڏس ۾ ابتدائي ڪوششون روس جي زار ’اليگزينڊر‘ جي طرفان ٿيون، جڏهن ته بنيادي فيصلا هيگ ۾ ٿيل ٻن بين الاقوامي ڪانفرنسن (1899ع ۽1907ع) ۾ ڪيا ويا


From Dictionary of Political Terms


Disarmament

هٿيار گهٽائڻ

سنه 1918ع کان 1939ع تائين هٿيار گهٽائڻ جي سلسلي ۾ عالمي سطح تي مختلف ڪوششون ٿيون. 1941ع ۾ ائٽلانٽڪ پڌرنامي ۾ هٿيارن کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه اپاءَ تجويز ڪيا ويا. گڏيل قومن جي پڌرنامي جي آرٽيڪل 26 ۾ سلامتي ڪائونسل کي هٿيارن تي ضابطو رکڻ لاءِ منصوبا جوڙڻ لاءِ چيو ويو.


Related words with: Disarmament


Remember Me Also:

ٻالڪو

اسم خاص. تعقلي ميهڙ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal