SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Dictatorship

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • dikteitəʃip

From the Dictionary of Official Terms:

Dictatorship

آمريت


From the Dictionary of International Relations:

Dictatorship

ڊڪٽيٽرشپ

آمريت

حڪومت ڪرڻ جو اهو سرشتو، جنهن ۾ سياسي طاقت هڪ شخص يا گروهه جي هٿن ۾ هجي ته اهڙو شخص يا گروهه عوامي راءِ جي پرواهه نه ڪندو آهي. آمريت جون ٽي امڪاني صورتون آهن. 1. هڪ گروهه يا شخص کي مليل اقتدار، جنهن ۾ ٻئي جي شرڪت يا ڪنهن اداري ڏانهن جوابداريءَ بنا هُو اهي سڀ ڪم ڪري سگهي، جيڪي سندس نظر ۾ جائز ۽ واجبي هُجن. جيئن قديم دور ۾ رومي بادشاهه حڪومت هلائيندا هئا. 2. ورثي ۾ مليل سلطنت حُڪومت، جيڪا ڪنهن هڪ شخص جي اشارن تي هلي ۽ سندس حُڪمن کي قانون جو درجو ڏنو وڃي. 3. سياسي جماعتن جي اهڙي حڪومت جيڪا ڪنهن هڪ شخص جي حڪمن تي عمل ڪندي هُجي ۽ اهو شخص آئين، قانون ۽ ادارن ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق تبديليون ڪري پسند جا فيصلا ڪرائي سگهي. ويهين صديءَ جي عالمي سياست ۾ اهڙن حڪمرانن ۾ مسوليني، هٽلر ۽ اسٽالن وغيره شمار ٿين ٿا.سندن پوئلڳ کين ”فيورر“، ”ڊيوس“ ۽ ”ووزد“ جي لقبن سان سڏيندا هُئا


From Dictionary of Political Terms


Dictatorship

آمريت

حڪومت جو هڪ سرشتو جنهن ۾ هڪ فرد کي سمورو سياسي اختيار حاصل ٿئي. روم جون جمهوريائي رياستون فوجي بحران دؤران آمر مقرر ڪنديون هيون. شهري اتحاد لاءِ پيدا ٿيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ يوناني شهري رياستون مختلف فردن کي قانون جوڙڻ جو اختيار ڏينديون هيون. فرانس ۾ جنرل ڊيگال جي صدر جي حيثيت ۾ مقرري رومي طرز مطابق هئي. هي موجوده دؤر ۾ فوجي انقلاب يا ٻوليءَ جو لفظ آهي.


Remember Me Also:

صدق

ذ. ع. صِدقُ < صَدَقَ = سچ ڳالهائڻ سچ ، سچائي ، سَتُ ، راستي. خلوص. ايمانداري ، ديانتداري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal