SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Deportation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • diːpɔːteiʃən

From the English to Sindhi Dictionary:

Deportation

شهر نيڪالي، جلاوطني


From the Dictionary of Official Terms:

Deportation

جلاوطني


From the Dictionary of International Relations:

Deportation

ڊيپورٽيشن

مُلڪ بدري-شهر نيڪالي-جلاوطني- لوڌڻ:

هڪ شخص يا گروهه جي ڪنهن به مُلڪ جي سرحدن مان نيڪاليءَ وارو عمل، جنهن کي بندش، جلاوطني يا جبري واپسي به چئي سگهجي ٿو. هي عمل پُراڻي تاريخ رکي ٿو ۽ ان جو وڏي انگ لاءِ استعمال پهريون ڀيرو ايران جي ساساني بادشاهه خسرو پهرئين طرفان ٿيو، جڏهن هُن 542 ق.م ۾ 292000 غلامن، شهرين ۽ مفتوح ماڻهن کي نئين قائم ڪيل عراقي شهر ”صفيان“ ۾ منتقل ڪيو. ان کانسواءِ انگلئنڊ به 1730ع ۾ مذهبي ڦڏئين ۽ ڏوهارين کي اڄوڪي آمريڪا ڏانهن جلاوطن ڪيو. بين الاقوامي قانون مطابق، جن ماڻهن تمام اگرا ڏوهه ڪيا هُجن، مُلڪ ۾ غيرقانوني طرح داخل ٿيا هُجن يا مقرر مُدي کان وڌيڪ رهيا هُجن ۽ قانوني طرح مُلڪ ۾ رهڻ جو حق نه رکندڙ هُجن ته انهن کي لوڌي ڪڍي سگهجي ٿو. عام طور اهو عمل ڪنهن به مُلڪ جي حڪومتي اختياريءَ طرفان ڪيو ويندو آهي، پر ان لاءِ قانوني جواز ۽ واضع عدالتي هدايتن جو هُجڻ ضروري آهي. ڪنهن به حڪومت کي اهڙو اختيار گڏيل قومن جي آرٽيڪل 18 تحت مليل آهي. ان هوندي به ”جبري مُلڪ بدري“ بهرحال هڪ سنگين ڏوهه آهي. ان کان سواءِ ڪنهن رياست جي اندر به شهر نيڪالي ممڪن ٿي سگهي ٿي. مثال طور ڪنهن نئين آيل نسلي گروهه جي هڪ جاءِ تي رهڻ سان جيڪڏهن نسلي ڇڪتاڻ جو خطرو هُجي، ته هڪ گروهه کي ٻئي هنڌ تي منتقل ڪري سگهجي ٿو. جيئن گهرولڙائيءَ دوران آمريڪي رياست جارجيا جي 400 عورت مل مزدورن کي اُتروارين رياستن سان همدردي رکڻ جي الزام هيٺ رياست بدر ڪيو هُو. اهو عمل انفرادي طرح به ٿي سگهي ٿو


.


Other Phrases of Deportation used in Daily life:

Remember Me Also:

جنازو

ذ. [ف. جنازه] مَيتُ ، مُردو ، لاش. مردي کي کڻڻ لاءِ تابوت، کٽ، ڏولي وغيره. هندن جي آرِٿي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal