SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Democracy

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • dimɔkrəsiː

From the English to Sindhi Dictionary:

Democracy

رعيتي راڄ، لوڪ شاهي، جمهوري سلطنت


From the Dictionary of Official Terms:

Democracy

ڊيموڪريسي- جمهوريت


From the Dictionary of International Relations:

Democracy

ڊيموڪريسي

جمهوريت- لوڪ راڄ

اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جي لفظ ‘Demokratia’ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي”عوامي راڄ“. هي هڪ اهڙو حڪومتي سرشتو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سموري آباديءَ کي پاڻ سان لاڳاپيل مامرن بابت فيصلا ڪرڻ ، قانون جوڙڻ ،ترجمانيءَ لاءِ نمائندا چونڊڻ ۽ انهن نمائندن معرفت ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ جو حق حاصل هجي. هن سرشتي جو پهريون عملي اظهار ”يوناني شهري حُڪومتن“ جي شڪل ۾500 ق . م ۾ ٿيو، جيڪو مُختلف مرحلن مان گُذري اڄوڪي دور ۾ مروج حُڪومتي نظامن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪامياب سمجهيو وڃي ٿو. جمهوريت يا لوڪ راڄ جو بُنياد ٻن اصولن يعني برابري ۽ راءِ جي آزاديءَ تي بيٺل آهي. اِنهن اصولن موجب هر شهري قانون آڏو هر ٻئي شهري جيتري حيثيت رکي ٿو ۽ سندس ان حيثيت جي ضمانت ملڪ جي آئين ۾ وچوريل حقن فرضن جي شڪل ۾ ڏنل هُجي ٿي. هن سرشتي هيٺ حڪومت کي ادارا جوڙڻ ۽ اُنهن کي قانون موجب هلائڻ جي اجازت مليل هوندي آهي. دُنيا جي مُختلف مُلڪن ۾ جمهوري سرشتي تي هلندڙ حُڪومتن جا مختلف قسم آهن. انهن مان نمائنده جمهوري سرشتو، لبرل جمهوري سرشتو، صدارتي جمهوري سرِشتو، آئيني جمهوري سرشتو ۽ مشاورتي جمهوري سرشتو (Parliamentary Democratic System) مشهور آهن. هاڻوڪي دور ۾ سڀ کان پويون سرشتو تمام گهڻو مقبول ۽ اثرائتو ثابت ٿيو آهي. جمهوري نظام ۾ چونڊن، سياسي جماعتن، حڪومت، قانون جوڙيندڙ ادارن ۽ عدالتن جو انتهائي اهم ڪردار ٿئي ٿو


From Dictionary of Political Terms


Democracy

جمهوريت

هي لفظ يوناني ٻولي جي لفظ ”ڊموس“ ۽ ”ڪريٽين“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى عوام ذريعي حڪومت ڪرڻ آهي. هن نظام ۾ عوام کي راءِ جي اظهار جو حق هوندو آهي ۽ ان راءِ مطابق فيصلي جو بنياد اڪثريت تي هوندو آهي، جمهوريت جا ٻه قسم آهن: هڪ سڌي جمهوريت ۽ ٻي اڻ سڌي جمهوريت.


ٻارن جي لغت مان

Democracy

گرامر noun

- اسم

جَمھُوريت


Related words with: Democracy


.


Other Phrases of Democracy used in Daily life:

Remember Me Also:

ڀڄي وڃڻ

تکو نڪري وڃڻ ٻئي کان ڊوڙ ۾. ڇڏائي وڃڻ چور جو ڀاڳين کان، جانور جو ڪتن کان. ڇڏي هليو وڃڻ ڪو مقرر ڪم يا رهائش جي جاءِ. ميدان ڇڏي وڃڻ جنگ ۾. شڪست کائڻ ، هارائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal