SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Delegation

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • deligeiʃən

From the English to Sindhi Dictionary:

Delegation

رسالت، سفارت، ميڙ، سپردگي


From the Dictionary of Official Terms:

Delegation

وفد- جماعت مندوبين- سونپيل


From the Dictionary of International Relations:

Delegation

ڊيليگيشن

وفد-نمائندا-اختياراتي عمل

ڪنهن به ڪانفرنس، ميڙ يا نمائنده اجلاس ۾ لاڳاپيل مختلف ڌرين جي موقف کي بيان ڪرڻ لاءِ، هر ڌر طرفان واضح هدايتون ۽ حڪم ڏيئي ماهرن ۽ عملدارن تي ٻڌل سڄاڻ فردن جو هڪ جٿو نمائندگيءَ لاءِ موڪليو ويندو آهي، جنهن کي وفد/نمائيندا سڏيو ويندو آهي. اهو وفد پيرائتي انداز ۾ ثبوتن سان پنهنجو نقطئه نظر بيان ڪرڻ سان گڏ پنهنجي اختيار ڪيل موقف جي حمايت لاءِ پڻ ماحول سازگار ڪندو آهي. سياست کان سواءِ سائنس، معيشيت، صحت، ثقافت ۽ بيشمار ٻين شعبن ۾ رياست يا قوم جي ترقي، سگهه ۽ منفرد روايتن جو اظهار هن طريقي سان ئي ڪيو ويندو آهي، دنيا ۾ تڪرارن جي حل کان وٺي امن جي بحالي ۽ شعبه جاتي تعاون جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان کان علاوه سفارتڪاريءَ جي شعبي ۾ به هي اصطلاح اڪثر استعمال ٿيندو رهيو آهي. جنهن مطابق نه رڳو اهم سفارتڪارن جو هڪ گروپ جوڙي کيس خصوصي مقصد سونپيا ويندا آهن، پر خاص اختيار ڏيندي قومي اظهار جو ذريعو بڻايو ويندو آهي، ڪنهن به سفارتڪار کي، جڏهن به ڪنهن خاص مقصد جي تڪميل ڪرڻي هوندي آهي ته کيس اهي غير معمولي اختيار، حق ۽ واسطا به ڏنا ويندا آهن، جن جي استعمال سان گهربل مقصد پورا ٿي سگهن، بين الاقوامي تعلقات ۾ ادارن طرفان فردن کي ۽ فردن طرفان انتظامي ۽ ٻيا معاملا هلائڻ لاءِ لاڳاپيل شعبن کي اختيارن جي منتقليءَ واري عمل کي به هن اصطلاح ذريعي پڌرو ڪري سگهبو آهي


From Dictionary of Political Terms


Delegation

سؤنپڻ

ڪنهن جسم يا شيءِ جي ڪنهن هڪ طاقت کان ٻي طاقت ڏانهن منتقلي کي سؤنپڻ سڏجي ٿو. سياسي ٻولي ۾ ان جو ٻه رخو استعمال ٿئي ٿو. هڪ ته قانون ٺاهيندڙ ادارو اختيار جو ڪجهه حصو ڪنهن ٻئي کي سونپي ٻيو ته ڪنهن کي نماندگي لاءِ چونڊيو وڃي، ٻين لفظن ۾ ته چونڊيندڙ پنهنجي نمائندي جي صورت ۾ مرضي منتقل ڪري يا سونپي ٿو.


Related words with: Delegation


.


Other Phrases of Delegation used in Daily life:

Remember Me Also:

گهس ڦس ڪرڻ

ڪن ۾ ڳالهائڻ ، ڳجهه ڳوهه ۾ ڪا ڳالهه ڪرڻ، آهستي ڳالهائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal