SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Deglobalization

(click word to listen sound
  • 🔊
  • deglobalization
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Deglobalization

ڊي گلوبلائيزيشن

عدم عالمگيريت

عالمگيريت يا ڀونءِ واد جي ابتڙ استعمال ٿيندڙ هيءُ اصطلاح، دنيا جي مختلف رياستن يا عنصرن جي هڪٻئي سان واسطيداريءَ يا سهائتا ۾ ايندڙ ڪميءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. جيئن ته ”عالمگيريت“ جو عمل معيشيت، واپار، ٽيڪنالاجي، سياست، ثقافت ۽ سماجيات سميت مختلف رخن ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي سهڪار کي سگهارو ڪري ٿو، ان جي ابتڙ ”عدم عالمگيريت“ گهڻي قدر ”بين الاقوامي معيشيت“ جي ميدان ۾ ٿيندڙ عدم تعاون تائين محدود آهي. ان سلسلي ۾ 1850ع کان 1914ع ۽ 1950ع کان 2007ع وارن مدن کي نشانبر ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن مدن دوران، ”ڀونءِ واد“ عالمي صورتحال ۾ هڪ عام ۽ اهم متي جي صورت ته اختيار ڪري ورتي، پر انهن مدن دوران به جڏهن جڏهن قومن وچ ۾ واسطيداري جهڪي ٿي ته ”عدم عالمگيريت“ واضح ٿي بيٺي. عام طرح هن اصطلاح کي، عالمي واپار دوران وکرن ۽ خدمتن يا درآمد ۽ بر آمد کي مجموعي قومي آمدنيءَ سان ڀيٽيندي، حاصل ٿيل نقصانڪار انگن اکرن ذريعي، يا پورهيتن جي ٻين ملڪن ڏانهن ٿيندڙ هجرت جي انگ، يا قومي آمدنيءَ جي تناظر ۾ ملڪ يا ان کان ٻاهر ٿيندڙ سڌي سنئين سيڙپڪاڙيءَ ۽ سراسري محصولن وغيره جي منفي ڪاٿي ذريعي جانچيو ويندو آهي. اڪثر ماهرن ”عدم عالمگيريت“ جي عمل کي منفي ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي، ته ان سان عالمي ويجهڙائين ۽ واسطيدارين ۾ گهٽتائي اچي ٿي، معيشيت ۾ بحران جنم وٺن ٿا، بين الاقوامي تڪرارن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ۽ بين الاقوامي واپار ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ظاهر ٿئي ٿي


Remember Me Also:

پهوڙ

اسم خاص. شڪارپور ۽ جوهي تعلقن ۾ ديهن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal