SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Defiance

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • difaiəns

From the English to Sindhi Dictionary:

Defiance

ڌمڪي، مقابلو، اِنڪار، بيپرواهي


From the Dictionary of International Relations:

Defiance

ڊفائنس

للڪار- سرڪشي- هوڏ- کُلي نافرماني

هي اصطلاح ڪنهن به هڪ ڌر طرفان ڪيل اڳرائيءَ جي مزاحمت ڪرڻ جي ارادي ۽ اعلان طور ڪتب ايندو آهي. ان کان علاوه هڪ ملڪ طرفان ڪنهن ٻئي ملڪ جي مفادن خلاف، اختيار ڪيل پاليسيءَ جي رد عمل جي نتيجي ۾ سرڪشيءَ ۽ هوڏ تي مبني اهڙو رويو، جيڪو نتيجن جي پرواهه ڪرڻ بنا اختيار ڪيو وڃي، ته ان کي به هن اصطلاح ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو.ڊفائنس هميشه کُلي نافرمانيءَ تي ٻڌل ۽ مخالف ڌر جي قوت ۽ اختيار کان مڪمل انڪار ۽ للڪاريندڙ روش تي مبني هوندو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ”طاقت جي توازن“ جو به خيال نه ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح هاڪاري ۽ ناڪاري ٻنهي طريقن سان استعمال ۾ ايندو آهي. مثال طور: بيٺڪي راڄ ۾ قابض پرڏيهي حاڪمن جي اقتدار کي تسليم نه ڪندي، جڏهن قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۽ سندن اڳواڻن بيٺڪي راڄ جي آڏو آجپي جون تحريڪون شروع ڪيون، ته اهو عمل مزاحمت طور ڳڻيو ويو، جيتوڻيڪ ٻنهي تڪراري ڌرين جي طاقت ۾ واضح فرق موجود هو. بعد ۾ اهو ثابت ٿيو، ته پنهنجي حوصلي، مستقل مزاجي ۽ قوم سان پيار جي جذبي، يعني ناڪاري طريقي هيٺ، نار جي جنگ ۾ عراقي صدر صدام حسين جي اختيار ڪيل روين ۽ پاليسين کي مثال بنائيندي، چئي سگهجي ٿو،ته ان بين الاقوامي برادريءَ جي موقف خلاف هڪ اهڙي هوڏ جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڪٽنب ۽ قوم کي بيشمار مصيبتون ڏسڻيون پيون. ان ساڳئي دائري ۾ سربيا جو آمر ميلا زووچ ، افغانستان جو مُلان عمر ۽ پناما جو آمر نوريئيگا به شامل ڪري سگهجن ٿا . انهن آمرن متڀيد ۽ انتها پسنديءَ واريون پاليسيون اختيار ڪندي ، بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ نتيجي ۾ پنهنجين قومن ۽ رياستن کي وڏن بُحرانن ۾ وڪوڙي ڇڏيو


Related words with: Defiance


Remember Me Also:

سجهڪيون

بلائتيون، هٿيڪيون، قابو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal