SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Cosmopolitanism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • kɔzməpɔlitənizəm

From the Dictionary of International Relations:

Cosmopolitanism

ڪاسموپوليٽن ازم

گڏيل آفاقي قدرن وارو نظام

بنيادي طور هي اصطلاح يوناني لفظ Kosmopolites (عالمي شهري) مان نڪتل آهي ۽ جيڪو سماجي، سياسي فڪر ۽ اعليٰ قدرن سان واڳيل زندگيءَ جي معيارن کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته نظريي طور ان مان مُراد اهڙن انسانن جي گڏيل ورثي جي آهي، جيڪي پنهنجي سياسي واسطيدارين کان مٿانهان ٿي، بين الاقوامي قدرن موجب هڪ برادريءَ جو حصو بڻجي اُن برادريءَ جي ڀلائيءَ ۽ ناماچاري لاءِ جاکوڙين ٿا. مُختلف وضاحتن تحت ”گڏيل آفاقي قدرن وار نظام“ (Cosmopolitanism) جي نظريي ۾ يقين رکندڙ شهري، سياسي ادارا جوڙڻ، اخلاقي قدرن کي ڦهلائڻ، منڊيءَ جي ڀاڱي واري ۽ ثقافتي اظهارن جي ڀائيواريءَ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ پنهنجو ڀاڱو ڳنڍين ٿا. هڪ نظريي جي طور، اهو سڀني شهرين جي مسئلن ڏانهن گهڻ رُخي حل جي جستجو ڪرڻ، مقامي سطح تي شهري نظام قائم ڪرڻ، ڌرمي بُنيادن تي گڏيل ثقافت جوڙڻ ۽ ٻين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۾ گڏيل اڳڀرائيءَ تي زور ڏئي ٿو. دُنيا جا وڏا شهر مختلف نسلن ۽ قومن جي آباديءَ سان سٿيل هُجڻ سبب هڪ اهڙو شهري نظام جوڙين ٿا، جيڪوڪنهن هڪ قوم يا نسل جي بالادستيءَ کي ختم ڪري، سڀني شهرين کي هڪ جهڙا موقعا ۽ آزاديون ۽ حق ڏيئي ترقيءَ ۽ فلاح تائين پُهچي ٿو


Remember Me Also:

حالڌاڳا

فقيرن جا ڪنٺا ڪولابا. فقيراڻا ٽَپَڙ رِلي ، گودڙي ، ڪِشتو ، لٺ ، لوٽو وغيره ، فقيراڻو و يس.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal