SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Convention

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • kənvenʃən

From the English to Sindhi Dictionary:

Convention

رواج، رسم، ريت، جماعت


From the Dictionary of Official Terms:

Convention

ڪنوينشن- ميڙاڪو- معاهدو- رسم


From the Print Technology Dictionary:

Convention

خاص ميڙ، ڪنوينشن


From the Dictionary of International Relations:

Convention

ڪنوينشن

ڪنوينشن

عام طور ڪنهن به معاملي تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ مختلف ڌرين ۽ نمائندن کي سڏي کانئن حل بابت تجويزون وٺي لاڳاپيل مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر بين الاقوامي تعلقات ۾ عالمي يا علاقائي سطح تي اڳ ۾ معاملا بحث هيٺ آڻي، بعد ۾ انهن تي قانون سازي ڪرڻ لاءِ نمائنده ميڙ سڏرائي رضا مندي پيدا ڪري مناسب اعلان ڪيو ويندو آهي. جيئن ”جنيوا“ ڪنوينشن ۾ جنگي قيدين ۽ لڙائيءَ هلندي انساني حقن جي احترام تي عمل ڪرائڻ لاءِ بين الاقوامي برادريءَ کي ڪجهه ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ان کان علاوه ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ به هي اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اڄوڪي دور ۾ عالمي سطح تي ڪن خاص معاملن تي قانون ٺاهڻ لاءِ بين الاقوامي ادارن (جهڙوڪ گڏيل قومون) جي سرپرستيءَ ۾ نمائنده اجلاس گهرائڻ يا اهڙي اداري طرفان ڪن شرطن کي عام ڪرڻ جي حوالي سان ”ڪنوينشن“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي


From Dictionary of Political Terms


Convention

ريت، رسم

هي لفظ لاطيني ٻولي جي لفظ ”ڪنوينائر“ مان نڪتل آهي. هر قوم جون مختلف ريتون ۽ رسمون ٿين ٿيون، جيڪي زندگي جي وهنوار لاءِ لازم ٿين ٿيون. وقت گذرڻ سان اهي پختيون ٿي رياست يا ملڪ جي آئين ۽ قانون جو درجو حاصل ڪن ٿيون. ان جو مثال برطانيا آهي جتي رواج ۽ رسمون آئين جو اهم بنياد آهن.


.


Other Phrases of Convention used in Daily life:

.


Convention is also used in:

Remember Me Also:

واء وڃڻ

واءُ وَڃَڻُ

هٺ ڇڏي وڃڻ، مٿو پٽ سان لڳڻ، پشيمان ٿيڻ، پڇتائڻ ”گهاءُ پيس واءُ ويس.“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal