SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Containment

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • kənteinmənt

From the Dictionary of International Relations:

Containment

ڪنٽينمينٽ

جَهلَ يا روڪ واري نيتي

ڪنهن اڳرائي پسند ڌُر جي سياسي ۽ نظرياتي يا معاشي اثر کي ڦهلجڻ کان روڪڻ يا گهٽ ۾ گهٽ محدود ڪرڻ جي حوالي سان هي اصطلاح ڪتب اچي ٿو. ان سلسلي ۾ کُليل ۽ ڳُجهن اُپائن کان سواءِ اڳرائيءَ جي صلاحيت ، سفارتي دٻاءَ ، معاشي پابندين يا فوجي مداخلت سميت ڪئين قدم ممڪن کڄي سگهن ٿا . خاص طور تي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان انتهائي اهم ثابت ٿيل هيءُ اصطلاح ٻي عالمي جنگ کان وٺي سوويت يونين جي ٽُٽڻ تائين سوويت يونين جي سياسي اثر کي محدود ڪرڻ واري جاکوڙ آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جو هڪ اهم عنصر رهيو آهي . آمريڪا جي لائق سفارتڪار جارج-ايف ڪينن (George F. Kenaan) طرفان استعمال کانپوء هي اصطلاحِ سوويت -آمريڪي تعلقات جي هر تذڪري ۾ شامل رهيو. ان اثر هيٺ ئي جارج ڪينن اڳتي هلي ”مارشل رٿا“ جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي چيو ، ته سوويت اثر کي اولهه يورپ ۾ روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته اُتي معاشي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا وڃن. اڳتي هلي هي اصطلاح آمريڪي صدر هيري ٽُرومن ايترو ته ورجايو ، جو اهو سندس نظريي جو اهم پهلو بڻجي پيو . ان کانپوءِ مُختلف وقفن سان هي اصطلاح صدر رونالڊريگن، صدر ڪلنٽن ۽ صدر بُش به تمام گهڻو ۽ مُختلف معنائن ۾ استعمال ڪندا رهيا. ان ئي پاليسيءَ لاءِ آمريڪا پاران صدر ٽرومن جا اصول، مارشل رٿا، سيٽو ۽ سينٽو وغيره جهڙا حربا استعمال ڪيا ويا. ان کان علاوه ٽين دنيا جي ملڪن کي سوويت يونين تي ڀاڙڻ کان روڪڻ لاءِ کين تمام گهڻي اقتصادي امداد به ڏني وئي . هيءَ پاليسي 1947ع کان 1991ع تائين جاري رهي ۽ ڀونوچ سمنڊ ۾ آمريڪي سامونڊي فوج جي سرگرمين، ترڪي ۽ يونان واري ڦڏي، ويٽنام ۾ آمريڪي مداخلت ۽ افغانستان ۾ سوويت مخالف حڪمت عمليون جوڙڻ ان پاليسيءَ جا خاص پهلو آهن. 1960ع جي ڏهاڪي کان 1991ع تائين شدت واري مرحلي ۾ پهتل ‘همسري’ واري پاليسي ( Deterrence) به ان خيال جي عڪاسي ڪري ٿي


From Dictionary of Political Terms


Containment

وڌڻ کان روڪڻ

1947ع کان وٺي اها آمريڪا جي نيتي هئي جنهن مطابق دنيا ۾ اشتمالي اثرCommitment Influence کي روڪڻ هو. آمريڪا جي صدارتي ٽرومين هن نيتي جي شروعات ڪئي. هن مطابق ٻي مهاڀاري لڙائي جي پڄاڻي تائين ڦهليل اشتماليت کي سندس سرحدن تائين محدود ڪيو وڃي. اشتماليت ۾ سرحدن کان ٻاهر ڦهلاءَ جي فطرتي ڪشش موجود آهي، جنهن جي اعتقاد سبب هن نيتي ۾ اڳرائي جو عنصر داخل ٿيو ۽ آمريڪي نيتي جي ماهرن سوويت يونين خلاف پوري طاقت لڳائي.


Remember Me Also:

ڏند چرچو

ذ. خبر چار ، واءُ سُئَاءُ ، حال احوال ، ڳالهه ٻولهه. گَپ شَپ ، کِلَ چَرچو ، يَٽَ شَٽَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal