SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Consensus

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • kənsensəs

From the English to Sindhi Dictionary:

Consensus

اتفاق، موافقت، ايڪو، يڪراءِ


From the Dictionary of Official Terms:

Consensus

اتفاق راءِ- يڪراءِ- هڪجهڙائي


From the Dictionary of International Relations:

Consensus

ڪنسينسس

اتفاق راءِ- يڪراءِ – سهمتي

لاطيني ٻوليءَ جو اصطلاح ، جنهن جي لُغتوي معني آهي”گڏ محسوس ڪرڻ“. عام طور حڪومتي سرشتن ۾ چونڊڻ جي آزاديءَ ۽ عام راءِ واري حق جي اڻاٺ سبب فيصلو ڪرڻ جو طريقيڪار اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو آهي . اهڙو اتفاق ، جنهن تي لاڳاپيل ڌرين کي ڪو وڏو اعتراض نه هجي ۽ اقليت جي راءِ کي به فيصلي ۾ شامل ڪيو ويو هُجي . هي عمل ’مذاڪراتي سفارتڪاريءَ‘ ذريعي چڱ مڙسيءَ جي جذبي سان ، گڏيل قومن جي ’سمنڊ واري قانون بابت ٿيل ڪنوينشن‘ ۾ باضابطا طور ’جينٽل مين ايگريمينٽ‘ جي تشڪيل دوران هڪ شِق طور شامل ٿيو. هاڻي اهو طريقو ڪيترن ئي فورمن ۽ ڪانفرنسن ۾ استعمال ٿئي ٿو.’ اتفاق راءِ‘ گڏيل راضپي ۽ گڏيل راضپي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن وارين ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان ۾ هر ڌُر جي خواهشن جو ڪو نه ڪو حصو شامل ڪرڻ ، فيصلي ۾ سڀني شامل ڌُرين جي راءِ کي جائتو ڪرڻ ، ذاتي/ گروهي مفادن کان بالاتر ٿي اجتماعي ڀلائيءَ جي جذبي کي ترجيح ڏيڻ ، لاڳاپيل هر ڌُر طرفان پنهنجين صلاحيتن کي ٿيندڙ فيصلي ۾ سيڙائڻ ، وڌ کان وڌ ڌُرين کي فيصلي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ ۽ اختلافي ڌُرين جي تحفظات کي فيصلي جو حصو بڻائڻ وارا نُڪتا شامل هوندا آهن .


Related words with: Consensus


Remember Me Also:

ممڻ

مَمَڻُ جمع مَمَڻ

ذ . جهيڙو، جهڳڙو، تڪرار، معاملو، ٽَنٽو، فساد، ڦَڏو، رڳڙو، ڪِروڌُ، گَهپي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal