SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Confedralism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • confedralism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Confedralism

ڪنفيڊرلزم

ڳانڍاپي وارو رياستي سرشتو

هي اصطلاح مُختلف رياستن جي هڪٻئي سان سياسي ۽ معاشي ڳانڍاپي کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي،جيڪو ٻن قسمن جو هوندو آهي. 1. ڪنفيڊرلزم هڪ سلسلو آهي، جيڪو بين الحڪومتي ميلاپ کي جنم ڏيندي، ’يورپي يونين‘ جهڙن فورمن کي جنم ڏئي ٿو. جنهن ذريعي مُختلف رياستون گڏجي، متفقه پاليسيون جوڙڻ سان گڏ سياسي ۽ معاشي ايڪي طور سرگرميون ڪن ٿيون 2. ڳانڍاپي ذريعي ٿيل حاصلات جي نتيجي ۾، هڪ نرم قسم جي اهڙي رياست جو وجود عمل ۾ اچي ٿو، جنهن جو دنگُ به ”رياستي مرڪزيت“ واري نُڪتي تي وڃي ٿئي ٿو. ۽ ڪنهن به صورت اُهو روايتي ”قومي رياست“کان مٿڀرو نه ٿو هُجي. جديد دور ۾ هڪ رياستي سرشتي جي روپ ۾ ”ڪنفيڊرلزم“ ڪا خاص ڪاميابي ماڻي نه سگهيو آهي، جنهن جو سڀ کان چٽو مثال ان سرشتي جي متحده آمريڪا ۾ ناڪامي آهي. ڪنهن به ”ڳانڍاپي“ سان اڌوري واسطيداريءَ وارو عنصر، جنهن کي ”ڪنفيڊرلزم“ جي بنُيادي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو، سو درحقيقت رياستي ميلاپ جي حوالي سان هڪ بهتر پهلو ثابت ٿيو آهي.ڇاڪاڻ جو انهيءَ عمل سان ڪا به رياست ”وفاقيت“ جي قتل گاهه تي ٻليدان ڏيڻ کان بچي وڃي ٿي. ’ڪنفيڊرلزم‘ رياستن جي گهرجن کي وسيع سهڪار ذريعي پورو ڪرڻ سان گڏ، مڙني حصيدارن جي داخلي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي بحال رکي ٿو. اهو سرشتو مُختلف رياستن کي گڏيل سُڃاڻپ بخشيندي به، کين مرضيءَ مطابق پنهنجي قومي سُڃاڻپ، ثقافتي واڌاري، معاشي خوشحالي ۽ سماجي روايتن کي قائم رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

پريچو

ذ. صفت. پرائو ماڻهو ، ڌاريو. اجنبي. پرديسي ، پرڏيهي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal