SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Concordat

(click word to listen sound
  • 🔊
  • concordat
  • )

From the Dictionary of Commerce & Banking:

Concordat

رسمي ٺاهه- رسمي سمجهوتو


From the Dictionary of International Relations:

Concordat

ڪانڪارڊيٽ

سڳورو عهد نامو

هيءُ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ڪنهن به سرگرميءَ جي پوترتا کي پڌرو ڪري ٿو. عام طور ڪو به اهڙو عهدنامو، جيڪو رياست ۽ رومن ڪئٿولڪ ڪليسا يا عيسائي مذهبي پيشوا پوپ (Pope) ۽ ڪنهن ٻيءَ سياسي ڌُر وچ ۾ ٿئي، ته ان کي ”ڪانڪارڊيٽ“ سڏجي ٿو. هيءُ معاهدو رياست ۽ ڪليسا جي هڪ ٻئي ڏانهن فرضن ۽ حقن جي ادائگيءَ بابت ٿئي ٿو. ڪليسائي پادرين جو سندن اثر هيٺ علائقن ۾ اثر رسوخ تسليم ڪرڻ، رياست جي ڪليسا ڏانهن ذميواري ۽ ڪليسا جي ملڪيت جي حفاظت وغيره ڪرڻ جهڙا معاملا اهڙي معاهدي جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا. 1933ع ۾ جرمنيءَ جي هٽلر عيسائين جي پوپ سان اهڙي ٺاهه تي صحيون ڪيون، جنهن ۾ جرمن ڪئٿولڪ فرقي جي مذهبي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو.


From Dictionary of Political Terms


Concordat

معاهدو

رومن ڪئٿولڪ چرچ ۽ لاديني حڪومت وچ ۾ هڪ معاهدو، جنهن ۾ اٽلي ۾ چرچ جي معاملن جو ذڪر ڪيل آهي. ان معاهدي جو تازو مثال لئٽرن معاهدو (Lateran Treaty) آهي جيڪو 1909ع ۾ ٿيو. ان سان آزاد ويٽڪن سٽي رياست وجود ۾ آئي.


Remember Me Also:

واهه پٽڻ

واههَ پَٽَڻُ

مددڪرڻ، وجهه ڏيڻ، آڌار ڏيڻ، ڀرجهلو ٿيڻ، بچاءُ ڪرڻ، پناهه ڏيڻ، حمايت ڪرڻ، موقعو ڏيڻ، ڏت ڏيڻ، ٽِڻ ڏيڻ،. حيلا وسيلا بند ڪرڻ، نقصان پهچائڻ، ضرر پهچائڻ، بنياد ڪڍي ڇڏڻ، تباهه ڪري ڇڏڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal