SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Commonwealth

(click word to listen sound
  • 🔊
  • commonwealth
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Commonwealth

ڪامن ويلٿ

دولتِ مُشترڪه يا گڏيل ڏيهه

هيءُ تصور گهڻي وقت کان سياسي نظريي توڙي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان استعمال ٿيندو آيو آهي. جڏهن به ٻه يا ٻن کان وڌيڪ قومون پنهنجي ترقيءَ لاءِ سهڪار کي وڌائينديون آهن، ته اُهو اصطلاح استعمال ڪنديون آهن. عام طور تي ”دولت مشترڪه“ جي نالي سان سڏجندڙ رضاڪارانه بنيادن تي قائم ڪيل هيءَ تنظيم برطانيا، آسٽر يليا ۽ نيوزيلينڊ درميان 1931ع ۾ قائم ڪئي ويئي. ان تنظيم جو بنيادي مقصد برطانيا جي اڳوڻين بيٺڪن تي ٻڌل ميمبر ملڪن درميان اقتصادي، تعليمي، سائنسي، دفاعي ۽ قانوني ميدان ۾ سهڪار ڪرڻ، بهتر حڪومتي سرشتي جو قيام، جمهوريت جو قيام، انساني حقن جو احترام، آزاد واپار ۽ تعاون وڌائڻ آهي. هن وقت ان جا هندوستان ۽ پاڪستان سميت 54 مُلڪ ميمبر آهن ۽ اِن جو هيڊ ڪوارٽر لنڊن ۾ آهي. تنظيم جي مک عهديدار کي سيڪريٽري جنرل سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته ان جو سربراهه برطانيا جو بادشاهه يا راڻي هوندي آهي. اڄڪلهه انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ هن تنظيم جي ٻي سربراهه آهي. ڪامن ويلٿ جي اندر ٻيون ننڍيون ننڍيون تنظيمون ۽ ادارا به آهن. ”دي ڪامنويلٿ“وارو اصطلاح آمريڪا جي ڪن رياستن (ڪينٽڪي مساچوسز پينسلوانيا ۽ ورجينيا) جي سرڪاري نالن ۾ پڻ سندن حوالو ڏيڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جن ملڪن صلح سانت سان گڏجي رهڻ جي چونڊ ڪئي ، تن جي سٿ کي به ”ڪامن ويلٿ“ نالو ڏنو وڃي ٿو.


Remember Me Also:

ڀٽي

اسم خاص. مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو. ٽنڊي الهيار، شهداد ڪوٽ ۽ سجاول تعلقن ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal