SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Bio-diversity

(click word to listen sound
  • 🔊
  • bio
  • daivəːsitiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Bio-diversity

بايو ڊائورسٽي

حياتياتي انيڪتا

ٻن مُختلف قسمن جا پَسون، جيوَ يا ”ساهدار“ ۽ ”جينياتي“ جنسون، جيڪي ماحولياتي ۽ حياتياتي عملن ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. هتي ”ساهداري انيڪتا“ مان مُراد مُختلف قسم جي ساهدار پَسوئن جي ورڇ ڪري سندن سرگرمين، فائدن، نقصانن ۽ خاصيتن جو احاطو ڪرڻ آهي. جڏهن ته ”جينياتي تبديلي“ مان مقصد انهن پسوئن جي اندر موجود اُن جينياتي انيڪتا جو مطالعو آهي، جيڪا سندن وجود ۾ مُختلف جنسن جي ميلاپ جي ڪري، کين نئون رنگ روپ عطا ڪري بيٺي آهي. يعني پسوئن (Spiees) جي مُختلف قسمن ۽ سندن هر قسم جي اندروني جوڙجڪ جو اڀياس ڪرڻ . جديد دور ۾ جيڪي چند علم عالمي سياست تي مسلسل ۽ وڌندڙ انداز ۾ اثرائتا ٿي رهيا آهن، تن مان ”ماحوليات“ به هڪ آهي. ماحوليات جي علم ۾ وري انسانن، ٻوٽن ۽ پاڻيءَ جي ساهدارن سميت، هر قسم جي جنس جي اهميت ۽ ترقيءَ جو مطالعو نهايت ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته انهن حياتياتي عنصرن ۽ انساني سماج تي اثرن جي ڇيدڪاري، ماحولياتي سياست ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل ڪري چُڪي آهي. عالمي سطح تي وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ واري عنصر هن موضوع کي ويتر وڌيڪ اهم بڻائي ڇڏيو آهي


Remember Me Also:

خانه خدا

ذ. خدا جو گهر ، ڪعبة الله ، بيت الله ، عبادت گاهه ، مسجد.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal