SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Association

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • əsousieiʃən

From the English to Sindhi Dictionary:

Association

انجمن، جماعت، ميڙ


From the Dictionary of Commerce & Banking:

Association

شراڪت- انجمن


From the Dictionary of Haematology:

Association

ايسوسيئيشن

انجمن، ٽولو، جماعت، جوڙ، ٽولي، ميل، صحبت


From the Dictionary of Official Terms:

Association

ايسوسيئيشن- تنظيم- جماعت- شرڪت- ويجهڙائي


From the Dictionary of International Relations:

Association

ائسوسيئيشن

ڀائيچارو- تعلقداري- لاڳاپو

هي اصطلاح رياستن وچ ۾ عام رواجي لاڳاپن جي هوندي، سندن شهرين يا فردن وچ ۾ موجود خصوصي ۽ ويجهن لاڳاپن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح جڏهن به رياستن وچ ۾ ويجهڙائيءَ جي نشاندهي ڪري، ته اُن جو مطلب ٿيندو ته ان سان ”بين الاقوامي سماج“ واري تصور کي چٽو ڪري سگهجي. البت هن اصطلاح جو عام استعمال بيٺڪي ۽ سامراجي دور ۾ عام جام ٿيو، خاص ڪري فرانس پنهنجي بيٺڪن جي حوالي سان اهڙو استعمال تمام گهڻو ڪيو. ”ڀائيچارو“ جو اُصول پهريون دفعو 1910ع ۾ فرانس جي نظريي دانن ۽ بيٺڪي راڄ جي منتظمن فرانس جي اندر موجود عوامي جمهوري سرشتي ۽ سندس قبضي هيٺ آيل بيٺڪن ۾ لاڳو ڪيل سامراجي نظام وچ ۾ ويجهڙايون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان متعارف ڪرايو. ان ڪري جو برطانيائي روين جي اُبتڙ فرانس ٻين مُلڪن تي ڪيل قبضن بابت سدائين بيچيني ڏيکاري. جيئن ته فرانس ۾ ”آزادي، مساوات ۽ خوشحالي“ جي نعري هيٺ جمهوري نظام قائم ٿي چُڪو هُئو، تنهنڪري ان لاءِ پرڏيهي قبضن جي وڪالت ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ان صورتحال جي تقاضا هُئي، ته قبضي هيٺ آيل علائقن کي باعزت طريقي سان فرانسيسي جمهوريت جو حصو بڻائجي. اهڙي خصوصي واسطيداريءَ کي ذهن ۾ رکندي، بيٺڪن کي ماتحت سمجهندي به، فرانس کين ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تائين پاڻ سان سلهاڙي رکيو ۽ بيٺڪي راڄ جي شهرين کي فرانس جي شهريت سميت ڪيترا حق ڏنا. ٻئي طرف برطانيا ۾ هيءُ اصطلاح 1967ع ۾ استعمال هيٺ آيو، جڏهن برطانيا جي اڳوڻين نو آبادين برطانيائي راڄ کان محدود آزادي گهُرندي، پاڻ کي عليحده رياست جي حيثيت ۾ تسليم ته ڪرايو، پر معاشي طور تي پاڻ ڀرو نه سمجهندي، پاڻ کي برطانيائي تاج سان سلهاڙي رکيو. ان جو هڪ مثال ”دولتِ مُشترڪه“ پڻ ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه هي اصطلاح ڪنهن به اهڙي رضاڪار گروهه لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڪنهن گڏيل حاصلات جي لاءِ هڪٻئي سان تعاون ڪندي، پنهنجي اصل منزل تائين پُڄڻ لاءِ جاکوڙيندا آهن. مذهبي، ڪاروباري، سياسي، نظرياتي، سائنسي، علمي، ثقافتي ۽ سماجي حوالن سان بيشمار اهڙيون تنظيمون موجود آهن، جيڪي ڪنهن به معاملي ۾ هڪجهڙا رويا ۽ خيال رکندڙ فردن توڙي قومن کي گڏائي، ڪن خاص رُخن ۾ اڳڀرائي ڪن ٿيون. هم خيال فردن/ قومن وچ ۾ ”ڀائيچارو“ تمام هيٺاهين سطح تان شروع ٿئي ٿو ۽ تمام مٿانيهن، يعني بين الاقوامي سطح تائين تعاون، گڏپ ۽ دوستيءَ کي جنم ڏئي ٿو


Related words with: Association


.


Other Phrases of Association used in Daily life:

.


Association is also used in:

Remember Me Also:

ڀرتڪو

ذ. [آواز] آواز پکيءَ جي اُڏامڻ جو ، ڀَڙڪو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal