SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Anti Colonialism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • æntiːɛəkrɑːft
  • kəlouniəlizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Anti Colonialism

اينٽي ڪالونيلزم

بيٺڪيت مخالف نظريو

17 صديءَ کان يورپي طاقتن دنيا جي مختلف حصن ۾ پاڻ کان ڪمزور ملڪن تي قبضو ڪري، انهن کي پنهنجون بيٺڪون بڻائڻ شروع ڪيو. محڪوم ماڻهن آزادي ماڻڻ جي هن نظريي تحت انهيءَ غلاميءَ جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ يورپي بيٺڪي راڄن کان آزادي ماڻي. هن نظريي خاص طور ايشيا ۽ آفريقا ۾ وڏي شهرت ماڻي ۽ انهيءَ علائقن جي ڪيترين قومن کي سامراجي غلاميءَ منجهان ڇوٽڪارو ڏياريو. هندستان جي گانڌي، نهرو، آفريقا جي انقلابي اڳواڻ ايملڪار ڪئبرال، ويٽ نام جي هوچي منھه ۽ ٻين اڳواڻن کي هن نظريي جا وڏا پرچارڪ مڃيو وڃي ٿو. هن نظريي تحت سڀ کان پهرين جدوجهد 1772ع ۾ برطانيا جي غلاميءَ خلاف ”آمريڪي آزاديءَ واري جنگ“ سان شروع ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دُنيا جي گولي تي ڦهلجي وئي


Remember Me Also:

کاسارو

ذ . خفو. کپت ، کَرکَسو ، کِٽپِٽ ، پتوڙ ، پڇاڙ ، گينداڙ ، گِهَلَ ، پريشاني ، کاپارو، مغز خوري .

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal