SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Amnesty

(click word to listen sound
  • 🔊
  • amnesty
  • )

From the English to Sindhi Dictionary:

Amnesty

درگذر، عام معافي نامو، راڄنيتي ڏوهه لاءِ معافي


From the Dictionary of Official Terms:

Amnesty

درگذر- معافي- عام معافي


From the Dictionary of International Relations:

Amnesty

ايمنيسٽي

معافي

هي هڪ عمل آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن به اڳرائي ڪندڙ يا ڏوهاريءَ کي مليل سزا مجاز اختياريءَ هٿان ختم ڪئي ويندي آهي. هي اصطلاح خاص طور جنگي قيدين يا ضمير جي قيدين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ”معافي“ مخصوص يا عام، مڪمل يا ٿوري به ٿي سگهي ٿي. دُنيا ۾ ڪيترا غيرسرڪاري ادارا آهن، جيڪي هن ڏس ۾ سرگرميءَ سان ڪم ڪن ٿا ۽ مُختلف مُلڪن ۾ مذهبي ۽ سياسي بُنياد تي سزوارا ٿيل قيدين جي سهائتا ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪنهن اهڙي قيديءَ يا قيدين جي گڏيل معافي ٿي وڃي، جنهن صرف اڻ ٽرضرورت يا ذميداريءَ تحت ڪو ڏوهه ڪيو هجي ته ان قسم جي معافيءَ کي Amnesty طور سڃاتو وڃي ٿو. انهيءَ طريقي جو وڏو مثال جنگ دوران قيد ٿيل فوجين جو آهي. عام طرح مُلڪي بچاءُ لاءِ هر فوجيءَ تي ذميداري هُجي ٿي، پر جيڪڏهن هن جنگ دوران ڪو فوجي مخالف ملڪ ۾ قيد ٿي وڃي ٿو ته Amnesty تحت ان فوجي کي معاف ڪري، پنهنجي ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي سگهبي آهي. هنن اصولن تي ڪاربند رهڻ لاءِ ڪم ڪرڻ وارو دُنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ادارو ”ايمنيسٽي انٽرنيشنل“ آهي


From Dictionary of Political Terms


Amnesty

معافي

هي يوناني ٻوليءَ مان نڪتل لفظ آهي، جنهن جي معنى وسارڻ يا نظر انداز ڪرڻ آهي. هيءَ هڪ عمل آهي، جنهن مطابق رياست سياسي ۽ ٻين ڏوهارين کي معاف ڪري ٿي.


Related words with: Amnesty


.


Other Phrases of Amnesty used in Daily life:

Remember Me Also:

جناخ

ث. هَڏو هسليءَ وارو. هَڏي سيني واري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal