SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ambassador Extraordinary and Plenipotentiary

(click word to listen sound
  • 🔊
  • æmbæsədər
  • ikstrɔːdnriː
  • ænd
  • plenipətenʃəriː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Ambassador Extraordinary and Plenipotentiary

ايمبيسيڊر ايڪسٽرا آرڊنيري اينڊ پلينيپو ٽينشري

خصوصي يا بااختيار سفير

سفير ته ڪنهن به رياست مان ٻيءَ رياست ۾ مقرر ٿيل سفارتي نمائندي يا هڪ مُلڪ جي رياستي سربراهه طرفان ٻئي مُلڪ جي هم منصب وٽ موڪليل، پنهنجي مستقل سفارتي نمائندي کي سڏيو وڃي ٿو. البت ’خصوصي‘ (Extraordinary) جي لقب کي اڄڪلهه جي سفارتي سرگرمين ۾ ڪا خاص اهميت ڪانهي، پر پراڻي دور ۾ ڪنهن اهڙي سفير کي سڏيو ويندو هو، جنهن جي ٻئي مقرريءَ واري مُلڪ ۾ مستقل رهائش نه هجي يا ڪنهن عارضي سفارتي مشن جي سربراهي ڪندي ٻئي ملڪ ۾ مليل مخصوص ذميواريءَ جي ادائگيءَ لاءِ اُسهيل هجي. اهڙي سفير کي مستقل مقرر ڪيل سفير جي ڀيٽ ۾ گهٽ اهميت ڏني ويندي هئي، ڇاڪاڻ جو عارضي طور مليل ذميوارين سبب کيس گهربل مڃتا نه ملندي هئي. ساڳي طرح ”ڪُلُ مختيار“ (Plenipotentiary) سفير به پراڻي دور ۾ مقرر ٿيندڙ مُڪمل سفارتڪار کي سڏيو ويندو هو. اڄوڪي دور ۾ اهو اصطلاح مڪمل ذميواريون ۽ اختيار رکندڙ هڪ بااختيار سفير لاءِ ڪتب ايندو آهي. لفظ Ambassador جڏهن به ڪنهن خاص نالي سان گڏ لکڻ ۾ ايندو آهي (مثال طور: جان منٽر) ته ان لاءِ وڏن حرفن جو استعمال عمل ۾ ايندو آهي ۽ اهو AMBASSADOR طور لکيو ويندو آهي


Remember Me Also:

دل

صفت. [سن. دَلَ = ڍِڳُ] گهڻو ، جهجهو ، جام ، مَئو ، زياده ، ٻَهُون ، وافر ، تمام گهڻو ، تمام جهجهو ، اَڪِيچار ، بي شمار ، بي اَنتُ ، بي انداز ، آيلَ ڇيَلَ. ذ. کوڙُ ، ڍِڳ ، انبار ، ميڙُ. ڪڪرن جو جهڳٽو ، جيتن جو ميڙ ، ساهه وارن جو انبوهه، گهڻو لشڪر ، وڏي ف

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal