SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Alternative Dispute Resolution ADR

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ɔːltəːnətiv
  • dispjuːt
  • rezəluːʃən
  • adr
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Alternative Dispute Resolution ADR

الٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزوليوشن

تڪرار جي حل لاءِ مُتبادل طريقو

ڪنهن به عدالتي ڪڙي کڙڪائڻ کان سواءِ، ٻن تڪراري ڌُرين کي فيصلي لاءِ راضي ڪندي، اهڙا حل تجويز ڪرڻ جو طريقو ۽ رويو اختيار ڪرڻ، جنهن سان آخرڪار تڪرار ختم ٿيڻ جو موقعو ملي. هي طريقو سياسي، ۽ بين الاقوامي ڦڏن، شهري ۽ انساني حقن، ڪاروباري معاملن ۽ برادري ڪُٽنبي معاملن ۾ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٽياڪڙي، صلاح مشوري، مختصر اُپائن، پرچاءَ، مذاڪرات، جائزي، سنوار ۽ سُڌار ذريعي بهتر نتيجا فراهم ٿيا آهن۔ بين الاقوامي تعلقات ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ غير روايتي ۽ مُتبادل حل ذريعي، ڪيترن پيچيده معاملن جو خاتمو مُمڪن ٿيو آهي. ليبيا طرفان ”لاڪربي“ ۾ڪرايل مُبينه دهشتگرديءَ سميت، ڪيترا اهم مسئلا هن فهرست ۾ شامل ٿي سگهن ٿا


Remember Me Also:

اڳڙياٺ

ذ. نار جو هڪ عضوو تڙياٺ جي سامهون ڇو هي جي ڍينگي واري پاسي کان لَٺ جي هيٺان رکيل ڪاٺي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal