SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Alliance for Progress

(click word to listen sound
  • 🔊
  • eiliəns
  • fər
  • prougres
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Alliance for Progress

الائنس فار پراگريس

اڳڀرائيءَ لاءِ اتحاد يا ٻڌي

لاطيني آمريڪا کي اقتصادي ۽ دفاعي طرح سگهارو ڪرڻ لاءِ، هي اتحاد آمريڪي صدر جان ايف ڪئنيڊي جي اُتساهڻ تي اتر آمريڪا ۽ 19 ڏکڻ آمريڪي رياستن جي وچ ۾ آگسٽ 1961ع ۾ ٿيو. ٺاهه ۾ آمريڪي کنڊ جي ملڪن (ڪيوبا کانسواءِ) گڏجي طئي ڪيو، ته اُهي معاشي ۽ سماجي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد ڪندا. اصل ۾ ان ٻڌيءَ جو مقصد هو ته ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ روس تي نه ڀاڙين، بلڪه هڪٻئي سان سهڪار ڪن. ڪيوبا جي روسي ڪئمپ ۾ وڃڻ کانپوءِ، آمريڪا طرفان سوويت يونين جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ لاءِ ان اتحاد ٺاهڻ ۾ دلچسپي وڌي وئي


Remember Me Also:

ٽٽ

ذ. جسم مان زور سان نڪتل باديءَ جو آواز. ڪُوڙي ، بي بنياد ڳالهه. ٻٽاڪ ، افواهه. ڍيڪ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal