SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Agremen

(click word to listen sound
  • 🔊
  • agremen
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Agremen

اگريمن

رضا مندي

ڪنهن به ٻيءَ رياست ۾ سفارتي سربراهه (سفير) مقرر ڪرڻ کان اڳ اهڙي مقرريءَ لاءِ نامزد ڪيل شخص جي قبوليت بابت ان لاڳاپيل ميزبان رياست جي منظوري وٺڻ جو عمل سفارتي آدابن جو هڪ اهم جُز آهي، انهيءَ ڪري ان قسم جي مقرريءَ دوران لاڳاپيل رياست طرفان باقاعده هاڪاري منظوري ملڻ کان پوءِ ئي مقرر ڪيل سفير کي مقرريءَ واري رياست ڏانهن اُسهڻ جي اجازت ملندي آهي. عام طور تي هرسفارتڪار کي اهڙي منظوري يا توثيق ملي ويندي آهي ، پر ڪن موقعن تي مقرر ڪيل شخص جي ماضيءَ جي سرگرمين يا ڪڏهن مخصوص رياستن ڏانهن متڀيد ڀرين روين اختيار ڪرڻ سبب اهڙا مثال به آهن، ته سفارتڪاريءَ جي ذميوارين لاءِ هڪ رياست طرفان تجويز ٿيل شخص/ سفير کي ٻي رياست قبول نه ڪندي، سندس جڳهه تي ڪنهن ٻئي شخص کي ساڳي ذميواري سونپڻ جو مطالبو ڪيو هجي، عام طور دُنيا جون سگهاريون قوتون پنهنجي مُلڪن ۾ ٻاهريان سفير مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ سندن حڪومتن کي ان ڏس ۾ مناسب هدايتون ڏينديون آهن. ساڳي طرح تابعدار رياستون به سگهارن ملڪن ۾ پنهنجا سفير با ضابطا طور مقرر ڪرڻ کان اڳ بي اعتراضيءَ جي پڪ (N.O.C) وٺنديون آهن


Remember Me Also:

ريائي

ذ. ع. رِياڪار ، رِياءُ ڪندڙ ، طرفداري ڪندڙ ، پاسو وٺندڙ ، پاسداري ڪندڙ. بدلو کڻندڙ. ڏيک ڪندڙ ، ظاهري نماءُ ڪندڙ ، ٻاهريون ڏيک ڪندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal