SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Accompainment

(click word to listen sound
  • 🔊
  • accompainment
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Accompainment

اَڪمپينمنٽ

رضاڪارانه ساٿ- سهڪار- سهائتا

بين الاقوامي امن اڀياس ۾ استعمال ٿيندڙ هيءُ اصطلاح، سياسي حقن جي سلسلي ۾ هلندڙ پُرامن تحريڪ ۾ اُنهن مقامي يا پرڏيهي رضاڪارن جي سهڪار ۽ موجودگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي مظاهرو ڪندڙن مٿان ڪنهن به قسم جي تشدد، حملن يا غير قانوني هٿڪنڊن کي روڪيندي، پُرامن احتجاج جي همٿ افزائي ڪندا آهن. ڇاڪاڻ جو اهي رضاڪار سمجهندا آهن، ته ڪنهن به پُرامن احتجاجي تحريڪ مٿان تشدد جي استعمال سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون، جنهن جي ذميواري تشدد ڪندڙ ڌُرين مٿان هوندي. انهيءَ ڪڌي عمل جي نتيجي ۾ ذميوارن مٿان بين الاقوامي سطح تي معاشي پابندين سميت ڪو به قدم کڄي سگهي ٿو.ان کان علاوه ساٿ ۽ سهڪار ( Accompainment) ذريعي سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي اُتساهيندي، ووٽ درج ڪرائڻ، چونڊون ڪرائڻ، چونڊن جي مرحلي ۾ هوشيار رهڻ، لک پڙهه جا ڪم ڪرڻ ۽ خبرون موڪلڻ وغيره جهڙيون سرگرميون به ڪري سگهجن ٿيون. هيءُ عمل هُونئن ته قديم رومي سلطنت کان جاري رهندو آيو آهي، پر جديد دور ۾ ’عالمي ريڊ ڪراس‘ تنظيم جي قيام (1864ع) کان پوءِ”بين الاقوامي غير حُڪومتي حفاظتي موجودگيءَ“۾ وڌيڪ باضابطا نموني عمل ٿيڻ لڳو آهي. ڀارت جي شهري نافرمانيءَ واري تحريڪ، ٽين دُنيا ۾ بيٺڪي راڄ خلاف هلايل جدوجهدون ۽ آمريڪا ۾ شهري حقن جون تحريڪون ان ڏس ۾ روشن مثال طور پيش ڪري سگجهن ٿيون. ”ساٿ ڏيڻ“ واري هن صورتحال ۾ مُلڪي توڙي بين الاقوامي سرحدن کان بالاتر ٿي، پُرامن آزادي ۽ شهري حقن لاءِ هلندڙ تحريڪن کي انساني سهائتا، رابطي، جدوجهد ۾ مشورن ۽ پروفيشنل معلومات فراهم ڪندي، عالمي سطح تي امن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙ جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي آهي


Remember Me Also:

ڇينڀو

ذ. سُڪَل ڍنِگِرِي ، ڇانڀو. سنهي ۽ سُڪل ڪاٺي ، ڀانگوڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal