SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سنڌي ادبي سنگت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سنڌي ادبي سنگت

(Sindhi Adabi Sangat)

”سنڌي ادبي سنگت“، سنڌي اديبن جي هڪ اهم اثرائتي تنظيم آهي، جنهن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ عملي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي لحاظ کان ڪابه تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ سان برابري ڪري نه سگھي آهي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پهرين شاخ جو بنياد پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھه مهينا اڳ (يعني اپريل 1947ع ڌاري) ڪراچيءَ ۾ پيو، جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي (1921-2001ع) هو. سنگت جي انهيءَ شاخ قائم ڪرڻ کان اڳ، 1946ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (1884-1947ع) جي سربراهيءَ ۾، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ قائم ٿيو هو. 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش هڻڻ کان پوءِ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“جي سرگرمين کي پڻ روڪيو ويو. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ليکڪن ”سنگت“ جون نئين سر گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون. اهڙي قسم جا ميڙ احسان بدوي (1925-1965ع) ۽ نورالدين سرڪيءَ (1927-2007ع) جي هاسٽلن وارن ڪمرن، واقع جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام هاسٽل کانسواءِ ڊاڪٽر اياز قادريءَ (1927-1997ع) جي جاءِ ڌني رام بلڊنگ تي ٿيڻ لڳا. 1956ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنگت جي مرڪزي تنظيم ڪاري ڪئي وئي، جنهن ۾ 12 شاخن شرڪت ڪئي. سنگت جو آئين منظور ڪيو ويو ۽ اياز قادري ان جو سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن بعد شمشير الحيدري (1932-2014ع)، تنوير عباسي (1934-1999ع)، رشيد ڀٽي (1933-1988ع)، تاج بلوچ، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، شمس سومرو، مختيار ملڪ، ذوالفقار سيال، ممتاز بخاري (قائم مقام)، يوسف سنڌي ۽ مشتاق گل ان جا سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.


Remember Me Also:

وٺپڄ

وٺُپُڄُ جمع وٺُپُڄَ

ث . اجائي تڪڙ، ٻرٻلڻ، هنگ ترڪان، سيگهه، جلدائي، تڙتڪڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal