SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تيزابي مينهن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تيزابي مينهن

Acid Rain

ايسڊ رين

هي هڪ ماحولياتي اصطلاح آهي، جنهن مُطابق صنعتي گند ۽ ڪيميائي گدلاڻ جي ڪري، بُخارات جو عمل وڌي ٿو. ان جي نتيجي ۾ ڪِنو ڪيميائي مواد ٻاڦ جي صورت ۾ ڪڪرن جو حصو بڻجي، ڌرتيءَ مٿان جيڪو ’تيزابي مينهن‘ وسائي ٿو، اُن سان ٻوٽن سميت سڀني ساهوارن ۽ عمارتن وغيره کي نقصان رسي ٿو. ”تيزابي مينهن“ جو وڏو سبب سلفرڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نائيٽروجن آڪسائيڊ جهڙن ڪيميائي مادن جو هوا ۾ ڦهلجڻ ۽ ڪيميائي عمل کان پوءِ پاڻيءَ جي پرماڻن (Molecules) جو حصو بڻجڻ آهي. 1970ع کان دُنيا جي حُڪومتن ڪيترا اهڙا قدم کنيا آهن، جن سان هن مصيبت تي ضابطو آڻي سگهجي، پر ان ڏس ۾ مُڪمل ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي


Remember Me Also:

پلٿي باز

ذ. صفت. پلٿو راند ڪندڙ ، پلٿو کيڏندڙ ، تلوار باز. اٽڪلي ، چالاڪ. ڦرڻو گهرڻو. ڦيرائي گهيرائي پنهنجي ڳالهه مٿي ڪرڻ وارو. نموني سان ڪم ڪڍي ويندڙ. شعبدي باز.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ٿُلهو ڏسي ڊڄجي نه، سَنهو ڏسي وڙهجي نه.

هر ٿلهو ماڻهو دلير ۽ هر سنهو ماڻهو ڪانئر نه هوندو آهي.مثال: ”ايمان نه آهي ته ٿلهائپ به ڪم جي نه آهي.“ (موزون...32)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal