SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اَبڙي وارو اَوسُ


ڦلواڙي (سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون) ۾:


اَبڙي وارو اَوسُ

ابڙو = ابڙو سمون، ڪڇ جو حاڪم، جنهن جي ڪَڇَ، ڄام نگر، جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ ۽ هالاز تائين حڪومت هئي. اَوسُ = جوش، ڪاوڙ، تجلو، ڏمر.روايتن موجب سنڌ تي علاؤالدين جي حملي وقت ابڙي سمي، دودي سومري جون سامون جهليون هيون ۽ علاؤالدين جي لشڪر سان مُهاڏو اٽڪائي، پٽ هَمٽَ ۽ ڀائٽي سَپڙَ سميت سامن تان سِر ڏئي شهيد ٿي ويو، پر علاؤالدين کي سومرن جون سامُون نه ڏنيون. ڪو ماڻهو مَهلَ ۽ مُڙسي ملهائڻ لاءِ جوش ۾ اچي ته چوندا آهن ته ”ابڙي وارو اوسُ پيو ڏيکاري.“


Remember Me Also:

فيروزو

ذ. ف. فَيروزَه. قيمتي پٿر جو هڪ قسم ، نيرو رنگ، منڊين تي ٻُڙو چاڙهڻ جو هڪ پٿر. پيروزو. منڊيءَ جي ٽڪ لاءِ هڪ ٻڙو يا ننگ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal