SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ايڇيئن انجمن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ايڇيئن انجمن

Achaean League

ايڇيئن ليگ

عيسوي سن کان ٽي سؤ سال اڳ آڳاٽي يونان جي هڪ علائقي Achaea ۾ قائم 10 يا 12 شهري رياستن جي وچ ۾ هيءَ ڪنفيڊريشن قائم ڪئي وئي. هنن شهري رياستن جا رهواسي يوناني ٻوليءَ جو هڪ لهجو ڳالهائيندا هئا، جنهن کي Achaean چيو ويندو هو. اِن ڪنفيڊرل نظام ۾ ، هر شهري رياست خودمختيار هئڻ سبب پنهنجا اندروني مسئلا پاڻ حل ڪندي هئي. جڏهن ته سندس پاران پرڏيهي پاليسي ۽ محصول جي ڪٿ ڪنفيڊريشن طئي ڪندي هئي. ٽيهن ورهين يا ان کان مٿي عمر جو ڪوبه شخص ان ليگ جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل هو. 146 سال ق.م ڌاري رومي سلطنت کان هارائڻ کانپوءِ هيءَ ليگ ٽٽي وئي


Remember Me Also:

خراباتي

ذ. صفت. شرابي ، ڀنگي ڀنگ پيئڻ وارو. نَشئي ، موالي ، جُواري ، بدچال.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.

سُوئر جي شڪار ۾ شڪاري ٿَم ۾ ٿميل سوئر جا گهٽ جهلي بيهندا آهن، سُوئر ٿم مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شڪاري کيس جوءِ تي گار ڏيندو آهي ته يڪدم موٽ کائي گار ڏيندڙ شڪاريءَ تي حملو ڪندو آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal