SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اسريل صنعتي ملڪ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اسريل صنعتي ملڪ

Advanced Industrial Countries AICs

ائڊوانسڊ انڊسٽريل ڪنٽريز

گڏيل قومن پاران هيءُ اصطلاح صنعتي لحاظ کان ترقي ماڻيل ملڪن، جهڙوڪ آمريڪا، انگلينڊ، فرانس، جرمني، جپان، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. صنعتي طور اُسريل هجڻ ڪري، اهي ملڪ معاشي ۽ فوجي طور تي به نهايت سگهارا آهن ۽ سندن في ماڻهو آمدني، اُپت ۽ خرچ اُسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻا وڌيڪ آهن. ان کان علاوه انساني زندگيءَ جو مُدو، انساني ترقيءَ جي شرح ۽ خواندگيءَ جي حوالي سان به اهي ملڪ تمام گهڻا اڳڀرا آهن. انهن ملڪن کي اصطلاحي طرح دنيا جا ”اتريان ملڪ“ به سڏيو ويندو آهي. گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ”ڪوفي انان“ ( Kofi Annan) هن اصطلاح جي وضاحت ڪندي چيو: ”اُسريل مُلڪ اُن خوشحال رياست کي چئي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجن شهرين کي سلامتيءَ ڀرين حالتن ۾ آزاد ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جي سهولت ڏني آهي.“


Remember Me Also:

ڪوڪرو

ذ. وڏي آواز سان ڪيل سڏ ، خواريءَ جو سڏ ، ڪوڪِريو ، ڪوڪاٽ ، رڙِ ، هاءِ گهوڙا ، رانڀاٽ ، ريهاڙ ، اوچتي رڙ ، دانهن ، واڪو. غوغاءُ ، شور ، مانڌاڻ ، ڌمچر ، ٻَڙڌڪو ، ٻائيتالُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

لوڪان آکيان مجنون ڪون، تيڏي ليلا رنگ دي ڪالي،مجنون آکيا لوڪان ڪون، تُسان ڪون اکِ نهين ڏيکڻ والي.

حُسن، ماڻهوءَ ۾ نه پر ڏسڻ واري جي اک ۾ هوندو آهي، سونهن اها ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي اک کي وڻي.مثال: ”لوڪان نَحو صرف، من مطالع سُپرينَ. (شاهه)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal